موسمياتي تبديلي سنڌ لاءِ ڪيترو وڏو خطرو؟ 2035ع تائين 6.4 ارب ڊالر سيڙپڪاري ڇو گهربل آهي؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي (رپورٽ: حنيف رودناڻي): موسمياتي تبديلي جا وڌندڙ اثر سنڌ جي معيشت، زراعت، پاڻي ۽ ماحول لاءِ سنگين خطرو بڻجي رهيا آهن، جڏهن ته صوبي کي موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ توانائي جي منتقلي لاءِ 2035ع تائين 6.4 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري گهربل آهي.

ڪراچي جي پي سي هوٽل ۾ پارٽنرس ان ڊويلپمنٽ اينڊ ڪنسلٽنسي (PIDPC) پاران توانائي جي حڪمت عملي، ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ٿيندڙ خرچ، اختيارين جي ڪردار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن بابت صوبائي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، پاڻي، ماحوليات ۽ توانائي جي ماهرن، انجنيئرن ۽ ٻين لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس دوران پيش ڪيل تحقيق ۾ خبردار ڪيو ويو ته سنڌ ۾ توانائي جي منتقلي لاءِ وقت تيزي سان گهٽجي رهيو آهي، جڏهن ته موسمياتي خطرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.

تحقيق موجب موسمياتي تبديلي جي اثرن سبب سنڌ کي هر سال 18.3 ارب ڊالرن تائين معاشي نقصان جو خطرو آهي، جيڪو صوبي جي مجموعي صوبائي پيداوار (GDP) جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو بڻجي سگهي ٿو.

رپورٽ ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شعبن ۾ گهربل سيڙپڪاري جا تفصيل پڻ پيش ڪيا ويا. تحقيق موجب توانائي شعبي لاءِ 1.89 ارب ڊالر، زراعت لاءِ 361 ملين ڊالر، آبپاشي لاءِ 3.61 ارب ڊالر جڏهن ته ماحولياتي ۽ سامونڊي علائقن جي تحفظ لاءِ 568 ملين ڊالر گهربل آهن.

تحقيق ۾ چيو ويو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ سنڌ ۾ مربوط نظام، بهتر نگراني، ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ضروري آهي.

ڪانفرنس ۾ اهو به اجاگر ڪيو ويو ته پاڪستان طرفان 2030ع تائين مجموعي بجلي پيداوار جو 30 سيڪڙو شمسي توانائي مان حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سنڌ ۾ توانائي جي منتقلي کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.

PIDPC جي تحقيق موجب موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ معاشي نقصان کي محدود ڪرڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا، ٻي صورت ۾ ايندڙ سالن ۾ سنڌ کي معاشي، ماحولياتي ۽ سماجي سطح تي وڌيڪ وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں