پاڪستاني اداڪارا رمشا خان جي ڀيڻ عليشا خان جي شادي جون تقريبون سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون آهن، پر سڀ کان وڌيڪ بحث سندس نڪاح جي وڊيو تي ٿي رهيو آهي. نڪاح دوران روايتي ”قبول آهي“ چوڻ بدران عليشا خان انگريزي ٻولي ۾ پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي صارفين طرفان مختلف ردعمل سامهون آيا آهن.
پاڪستاني اداڪارا رمشا خان جي ڀيڻ عليشا خان جي شادي جون تقريبون جاري آهن، جن ۾ شوبز سان لاڳاپيل ڪيترين ئي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي.
ڏينهن جي وقت ٿيل نڪاح جي تقريب جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌيان عليشا خان جي نڪاح واري لمحي تي ڏنو پيو وڃي.
نڪاح دوران عليشا خان روايتي انداز ۾ ”قبول آهي“ چوڻ بدران انگريزي ۾ پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي.
هن منفرد انداز جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ صارفين طرفان مختلف قسم جا تبصرا ڪيا ويا.
ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين سوال اٿاريو ته پاڪستاني شادي جي نڪاح واري رسم ۾ روايتي ”قبول آهي“ بدران انگريزي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي.
ڪجهه صارفين روايتي انداز کي وڌيڪ خوبصورت ۽ مناسب قرار ڏنو، جڏهن ته ٻين صارفين نڪاح جي تقريب جي انداز ۽ عليشا خان جي انگريزي لهجي بابت طنزيه تبصرا به ڪيا.
هوڏانهن شادي جي تقريب دوران اداڪارا رمشا خان ۽ سندس مڙس اداڪار خوشال خان خٽڪ جي غير موجودگي پڻ ڪيترن ئي ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.
في الحال اهو واضح ناهي ته رمشا خان ۽ خوشال خان خٽڪ شادي جي تقريب ۾ شريڪ نه ٿيا هئا يا سندن تقريب ۾ موجودگي جون تصويرون سامهون نه اچي سگهيون آهن.
عليشا خان جي نڪاح جي منفرد انداز واري وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي روايتي ۽ جديد انداز جي شادي جي رسمن بابت بحث پڻ ڇڙي ويو آهي.