ڀارتي ايئرفورس جي سربراھ ايئر چيف مارشل اي پي سنگھه کي ٽن مھينن کانپوءِ ياد آيو آھي تھ ڀارت پاڪستان جا 6 جھاز ڪيرايا ھئا، انڊين ايئر چيف جي بيان کي پاڪستان ۾ کل جوڳو قرار ڏنو پيو وڃي.
ڀارتي ايئر چيف مارشل اي پي سنگھھ ڪرناٽڪ رياست جي راڄڌاني بنگلور ۾ آپريشن سندور بابت تقريب ۾ ڳالھائيندي دعويٰ ڪئي ته ان آپريشن ۾ پاڪستان جا 5 ويڙھاڪ جھاز ۽ ھڪ وڏو جھاز ڪيرايو ويو ھو.
اي پي سنگھھ چيو تھ ڀارت پاران ڪيرايل پاڪستان جو وڏو جھاز اِي ايل آءِ اين ٽي يا اَي اِي ڊبليو اينڊ سِي ٿي سگھي ٿو، ۽ ان جھاز کي زمين تان 3 سئو ڪلوميٽرز جي فاصلي تان نشانو بڻايو ويو ھو.
دلچسپ ڳالھھ اھا آھي ته ڀارت پاران چئن ڏينھن واري جنگ دوران پاڪستان جو ڪو بھ جھاز ڪيرائڻ بابت ھيل تائين ڪو به تصويري يا وڊيو ثبوت پيش نھ ڪيو ويو آھي.
ڀارتي ايئرفورس جي سربراھ وڌيڪ چيو تھ اھا ھڪ ھاءِ ٽيڪ جنگ ھئي، جيڪا اسان وڙھي. اھا جنگ 80 کان 90 ڪلاڪن تائين جاري رھي، جنھن ۾ اسان پاڪستان جي فضائي دفاعي نظام کي وڏي پيماني تي نقصان پھچايو.
اي پي سنگھھ دعويٰ ڪندي چيو ته اڪثر پاڪستاني جھازن کي زمين تان فضا ۾ مار ڪندڙ روسي ايئر ميزائيل سسٽم ايس فور ھنڊريڊ ذريعي نشانو بڻائي ڪيرايو ويو.

ھن ايس فور ھنڊريڊ ايئر ميزائيل سسٽم کي گيم چينجر قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان جو حريف ان کي ناڪام بڻائي نه سگھيو. اسان تي جنگ دوران ڪو بھ سياسي دٻاءُ نه ھو ۽ حڪومت پاران کليل ڇوٽ مليل ھئي.
پاڪستان ڀارتي جھاز ڪيرائڻ جا ثبوت به پيش ڪيا
پاڪستان 7 مئي واري فضائي جنگ ۾ ڀارت جي رافيل جھازن سميت 7 جھاز تباھھ ڪري ڇڏيا ھئا، جنگ کان فورن پوءِ پاڪستان پاران رافيل ۽ ٻيا ڀارتي جھاز ڪيرائڻ جا ثبوت بھ پيش ڪيا ويا ھئا.
ڀارتي ويڙھاڪ جھاز رافيل ڪيرائڻ وارين پاڪستان جي دعوائن جي خود ڀارتي ميڊيا ۽ بين الاقوامي ميڊيا بھ پنھنجين رپورٽس ۾ تصديق ڪئي ھئي.
انڊين ايئر چيف جي بيان تي ڀارت اندر به تنقيد
ڀارتي ايئرفورس جي سربراھ اي پي سنگھھ جي پاڪستاني جھاز ڪيرائڻ واري کل جوڳي دعويٰ تي خود ڀارت اندر بھ تنقيد ٿي رھي آھي ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيترائي سوال اٿاريا پيا وڃن.
ماڻھو سوال ڪري رھيا آھن تھ ڀارت کي ايڏو دير سان ڇو ياد آيو ته پاڪستان جا بھ جھاز تباھ ٿيا ھئا، ڪجھھ ماڻھن سوال ڪيو تھ ڇا اھا خبر گذريل مھينن ۾ جاري ٿيڻ لائق نھ ھئي؟
ھڪڙي ڀارتي شھري سوال ڪيو تھ جيڪڏھن ڀارت پاڪستان جا ويڙھاڪ جھاز ڪيرايا ھئا تھ ڇا دفاع واري وزير کي ان ڳالھه جي خبر نه ھئي، جيڪڏھن خبر ھئي تھ پوءِ پارليامينٽ ۾ بحث دوران ھن ان جو ذڪر ڇو نھ ڪيو؟

ياد رھي تھ ڀارت ۾ اپوزيشن جماعت ڪانگريس ۽ ان جو اڳواڻ راھول گانڌي نريندر مودي جي سرڪار ۽ پرڏيھي وزير جي شنڪر کان بار بار اھو سوال ڪندا رھيا آھن تھ جنگ ۾ ڀارت کي پنھنجا ڪيترا جھاز وڃائڻا پيا.
ڀارت پاران جنگ دوران پنھنجا جھاز تباھ ٿيڻ جي حوالي سان ڪڏھن به ڪو واضح موقف اختيار نه ڪيو ويو آھي.
ڀارتي فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف انيل چوھان ان سوال جي جواب ۾ چيو ھو ته اھم ڳالھھ اھا ناھي تھ جھاز ڪيرايا ويا آھن، اھم ڳالهه اھا آھي تھ اھي ڇو ڪيرايا ويا، ڪھڙيون غلطيون ٿيون، اھي ڳالھيون اھم آھن، نمبر اھم نھ ھوندا آھن.