ڪراچي لاءِ ڪم ڪيون ٿا ته دٻاءُ وڌي وڃي ٿو، اختلاف وساري گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: مرتضيٰ وهاب

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جي بهتري لاءِ عملي ڪم جاري آهي، پر جڏهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيون ٿا ته مختلف نوعيت جو دٻاءُ اچڻ شروع ٿي وڃي ٿو. سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي سمورين 260 يونين ڪائونسلن کي اسٽريٽ لائٽس فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شهر جي گهٽي محلن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن.

هن چيو ته بجيٽ ۾ شهر جي هر يوسي لاءِ اسٽريٽ لائٽس جي منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته ڪراچي جي ترقياتي منصوبن جا تفصيل پڻ آن لائن فراهم ڪيا ويندا ته جيئن شهرين کي منصوبن بابت مڪمل معلومات ملي سگهي.

ڪراچي جي ميئر چيو ته شهر جا خراب فائر ٽينڊر پڻ جلد فعال ڪيا ويندا، جڏهن ته چيني قونصل خانو ڪراچي ۾ فيوميگيشن جي عمل لاءِ سهڪار ڪري رهيو آهي.

مرتضيٰ وهاب موجب ڪراچي جي 25 ٽائونز ۾ فيوميگيشن مشينون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن.

جماعت اسلامي جي ڌرڻي بابت ڳالهائيندي ڪراچي جي ميئر چيو ته هن وقت تائين جماعت اسلامي جي ڌرڻي تي ڪو اعتراض ناهي ڪيو، پر احتجاج سبب ڪراچي جا شهري پريشان ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته احتجاج لاءِ مخصوص جاءِ هجڻ گهرجي ته جيئن شهرين کي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي. جماعت اسلامي پولو گرائونڊ ۾ احتجاج ڪري سگهي ٿي، پر احتجاج دوران عام شهرين لاءِ مسئلا پيدا نه ٿيڻ گهرجن.

ڪراچي جي ميئر وڌيڪ چيو ته بلديه عظمٰي ڪراچي جي اڪائونٽ ۾ موجود رقم عوام جي امانت آهي ۽ شهر جي بهتري لاءِ سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں