ڪراچي (بيورو رپورٽ): نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو ڪراچي جي 6 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
نيشنل اي او سي موجب، ڪراچي سينٽرل، ايسٽ، ڪيماڙي، ملير، سائوٿ ۽ ويسٽ جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس مليو آهي.
رپورٽ موجب، ڪراچي جي انهن 6 ضلعن ۾ جون مهيني دوران پوليو وائرس جو ڪو به ڏس نه مليو هو، جڏهن ته جولاءِ ۾ سنڌ جي ضلعي ڪشمور جي ماحولياتي نموني ۾ پڻ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي وئي هئي.
نيشنل اي او سي موجب، بلوچستان جي چمن، ڊيرا بگٽي ۽ ڪوئيٽا جي ماحولياتي نمونن ۾ پڻ پوليو وائرس جي موجودگي سامهون آئي آهي.
ان کان علاوه خيبرپختونخوا جي بنون ۽ پشاور جي ماحولياتي نمونن ۾ پڻ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي.
نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته پنجاب جي راولپنڊي ۾ پڻ جولاءِ دوران ورتل ماحولياتي نموني ۾ پوليو وائرس مليو هو.
اختيارين موجب، ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي وائرس جي گردش جي نشاندهي ڪري ٿي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليو کان بچاءَ جي مهمن ۽ حفاظتي قدمن تي عملدرآمد انتهائي اهم آهي.