ڪراچي (بيورو رپورٽ): جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان چيو آهي ته شهرين جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ حڪومتي پاليسين خلاف پرامن سياسي مزاحمت ضروري آهي، عوامي جدوجهد ذريعي ئي مسئلا حل ڪرائي سگهجن ٿا. هن ڪراچي جي شهرين کي گورنر هائوس سنڌ ٻاهران جاري ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي آهي.
گورنر هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منعم ظفر خان چيو ته ڌرڻي ۾ نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن جي شرڪت خوشي جوڳي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جو ڌرڻو صرف مهانگائي خلاف نه پر ڪي اليڪٽرڪ جي مبينا ظالماڻي لوڊشيڊنگ خلاف پڻ آهي.
هن چيو ته پيٽروليم ليوي جي نالي تي شهرين جي کيسي تي بار وڌو پيو وڃي، پيٽروليم ليوي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي.
منعم ظفر خان چيو ته شهري ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن، پر ان جي باوجود بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ڪي فور منصوبي کي 23 سال گذري ويا، پر منصوبو اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ڪراچي جا شهري مهانگو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته نعمت الله خان جي دور ۾ روزانو 100 ملين گيلن پاڻي جو منصوبو مڪمل ڪيو ويو، پر 23 سالن کانپوءِ به ڪي فور منصوبو مڪمل نه ٿيڻ سواليا نشان آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي خرچن ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته عام شهري مهانگائي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.
منعم ظفر خان چيو ته حڪومت کي عام شهرين کي رليف ڏيڻو پوندو، عوامي مسئلن جي حل لاءِ پرامن سياسي مزاحمت جاري رکڻ ضروري آهي.
هن اعلان ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي تائين ڌرڻو جاري رهندو، جڏهن ته سڄي ڪراچي ۾ عوامي آگاهي مهم پڻ جاري رکي ويندي.
هن ڪراچي جي شهرين کي اپيل ڪئي ته هو عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.