يوڪريني صدر جا روس لاءِ جنگ وڙھڻ جا الزام، پاڪستان وضاحت طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان، يوڪرين ۾ پاڪستاني شھرين تي روس طرفان جنگ وڙھڻ وارن يوڪريني صدر جي بيان تي باضابطه وضاحت طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.

ڪجھھ ڏينھن اڳ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ( ايڪس ) تي ھڪ پيغام جاري ڪندي الزام ھنيو ھو ته روس جي يوڪرين خلاف جنگ ۾ ڪيترن ملڪن جا ويڙھاڪ حصو وٺي رھيا آھن، جن ۾ پاڪستان بھ شامل آھي.

پاڪستان اھڙن الزامن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي وضاحت طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو، ھاڻي پرڏيھي کاتي جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ يوڪريني صدر جي الزامن تي باضابطھ طور تي وضاحت طلب ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.

پرڏيھي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته پاڪستان يوڪرين جنگ ۾ پاڪستانين جي ملوث ھئڻ جي الزامن کي سختيءَ سان رد ڪري ٿو، ھيل تائين يوڪريني اختيارين پاڪستان نھ رابطو ڪيو آھي.

پرڏيھي کاتي جي ترجمان جو چوڻ ھو تھ يوڪرين ھيل تائين ڪي بھ جوڳا ثبوت به پاڪستان کي ناھن ڏنا، ان سلسلي ۾ پاڪستان يوڪرين کان باضابطھ وضاحت طلب ڪندو.

يوڪريني صدر زيلنسڪي جا الزام

يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو تھ روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا ويڙھاڪ روس طرفان يوڪرين خلاف وڙھي رھيا آھن.

يوڪريني صدر زيلنسڪي چيو تھ اڳين مورچن تي ويڙھھ ڪندڙ ڪمانڊرز سان اسان جي ڳالھھ ٻولھھ ٿي، ھنن ٻڌايو تھ روس جي طرفان مختلف ملڪن جا جنگجو اسان جي خلاف ويڙھھ ڪري رھيا آھن.

ھن چيو تھ جنگي محاذن تان ملندڙ رپورٽس موجب چين، تاجڪستان، ازبڪستان، پاڪستان ۽ ڪجه آفريقي ملڪن جا ڪرائي جا ويڙھاڪ بھ اسان جي خلاف جنگ ۾ شامل آھن.

پاڪستان تي يوڪرين ڏانھن ھٿيار اماڻڻ جا الزام

ميڊيا جي ڪجھھ رپورٽس، جن ۾ ‘بي بي سي’ جي 2023 جي ھڪ رپورٽ بھ شامل آھي، ان ۾ دعويٰ ڪئي وئي ھئي تھ پاڪستان 2 نجي آمريڪي ڪمپنين سان 36 ڪروڙ 46 لک ڊالرز جا ھٿيار وڪرو ڪرڻ جو معاھدو ڪيو ھو.

رپورٽس موجب معاھدي تحت اھي ھٿيار مبينا طور يوڪرين اماڻيا ويا، اھڙن الزامن جي پاڪستان جي پرڏيھي وزارت، اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روسي سفير البرٽ پي خوريف بھ ترديد ڪئي ھئي.

يوڪرين جي صدر زيلنسڪي ان کان اڳ روس تي چين جا ويڙھاڪ ڀرتي ڪرڻ جا الزام بھ ھنيا ھئا، چين پاران اھڙن الزامن جي ترديد ڪئي وئي ھئي.

روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ دوران ساڳيا الزام اتر ڪوريا تي بھ لڳي چڪا آھن، الزامن موجب اتر ڪوريا پنھنجا ھزارين فوجي روس جي ڪورسڪ واري علائقي ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آھن.

روس ۽ يوڪرين جي جنگ

روس ۽ يوڪرين جي جنگ 24 فيبروري 2022 ۾ ان وقت شروع ٿي، جڏھن روسي صدر ولاديمير پيوٽن روسي فوجن کي يوڪرين تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

روس ۽ يوڪرين جي جنگ پاڪستان ۾ ان ڪري بحثن جو موضوع بڻجي وئي جو روس جي يوڪرين تي حملي وقت پاڪستان جو ان وقت جو وزيراعظم عمران خان سرڪاري دوري تي روس ۾ موجود ھو.

اپريل ۾ وزيراعظم عمران خان جي حڪومت کي اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پاران بي اعتمادي ووٽ ذريعي ھٽايو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں