واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر جي نمائندي جيرڊ ڪشنر چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو سنجيدگي ۽ وسيع سطح تي جاري آهي، پر ٻنهي ڌرين وچ ۾ هن وقت تائين ڪنهن به گڏيل مفاهمت يا اتفاق راءِ تائين پهچي نه سگهيو آهي.
فاڪس نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ جيرڊ ڪشنر چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو عمل جاري آهي ۽ ٻنهي طرفن جا مختلف ادارا هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن.
هن چيو ته آمريڪي ۽ ايراني حڪومتن جي مختلف ادارن وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو شايد اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، پر ان باوجود ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪنهن حتمي مفاهمت تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.
ڪشنر موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، پر ٻنهي پاسن کان اڃا تائين ڪنهن اهڙي نتيجي تي اتفاق نه ٿيو آهي، جنهن کي گڏيل مفاهمت قرار ڏئي سگهجي.
آمريڪي صدر جي نمائندي وڌيڪ چيو ته ڳالهين جو سلسلو جاري رهڻ باوجود ٻنهي ڌرين جي موقف ۾ فرق موجود آهي، تنهن ڪري ڪنهن حتمي معاهدي يا اتفاق راءِ تائين پهچڻ لاءِ وڌيڪ ڳالهين جي ضرورت آهي.
هوڏانهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين بابت اڳ ئي پاڪستان ۽ قطر سميت مختلف ملڪن طرفان سفارتي ڪوششون پڻ جاري آهن، جڏهن ته خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين کي اهم سمجهيو پيو وڃي.