پاڪستان ۽ ترڪيه جي اسپيشل فورسز جون پھريون ڀيرو ٻطرفيون سامونڊي مشقون

فہرستِ مضامین

پاڪستان ۽ ترڪيہ جي سامونڊي فوجن جي اسپيشل فورسز جون پھريون ڀيرو ٻطرفيون مشقون ٿيون، جن دوران مختلف ھٿيارن جي فائرنگ ۽ جنگي منظرنامن تي ٻڌل آپريشنز جا مظاھرا به ڪيا ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب ٻنھي ملڪن جي نيويز جي اسپيشل فورسز وچ ۾ ٻطرفيون مشقون ڪراچي جي ساحلي علائقن ۾ منعقد ٿيون.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ مشق دوران سمنڊ ۽ خشڪي تي مختلف قسم جي آپريشنز جو عملي مظاھرو ڪيو ويو.

شھري علائقن ۾ فوجي ڪارروائين جو مظاھرو

آپريشنز دوران شھري علائقن ۾ ٿيندڙ فوجي ڪارروائين، فائرنگ ۽ مختلف جنگي منظرنامن تي ٻڌل آپريشن شامل ھئا.

آءِ ايس پي آر موجب اسپيشل فورسز پنھنجي مھارت ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن جو ڀرپور مظاھرو ڪيو.

 ان مشق جو بنيادي مقصد سامونڊي علائقن ۾ گڏيل آپريشنز جي تياري ۽ حڪمت عملي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ھو.

ترجمان پاڪ فوج وڌيڪ چيو تھ ٻطرفي مشق پاڪستان ۽ ترڪيھ جي نيويز وچ ۾ سھڪار ۽ ٻطرفي ھم آھنگي جي واڌاري لاءِ اھم موڙ ثابت ٿي آھي.

پاڪستان ۽ ترڪيھ جي سامونڊي فوجن وچ ۾ ٿيل ان مشق کي ٻنھي ملڪن وچ ۾ عسڪري سھڪار جي نئين باب جي شروعات قرار ڏنو پيو وڃي.

پاڪ نيوي جي سربراھه لاءِ ترڪيه جو اعليٰ عسڪري اعزاز

ٻنھي ملڪن جي نيويز جي اسپيشل فورسز جي پھرين ٻطرفي سامونڊي مشق کان اڳ پاڪ نيوي جي سربراھ ايڊمرل نويد اشرف کي ترڪيھ ۾ اعليٰ عسڪري اعزاز سان نوازيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ نيوي جي سربراھ ايڊمرل نويد اشرف گذريل ڏينھن ترڪيھ جو دورو ڪيو، ترڪ نيول فورسز جي ھيڊڪوارٽر آمد تي پاڪ نيوي جي سربراھه کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

ايڊمرل نويد اشرف ترڪيھ جي دفاع واري وزير، چيف آف جنرل اسٽاف ترڪ نيوي فليٽ جي ڪمانڊر سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ ٻطرفي سامونڊي سھڪار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

نيول چيف ۽ ترڪ عسڪري اختيارين وچ ۾ ملاقاتن دوران علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي، دفاعي ڀائيواري ۽ گڏيل مشقن تي زور ڀريو ويو.

پاڪ نيوي جي سربراھ ايڊمرل نويد اشرف کي ترڪ نيوي جي اعليٰ ترين اعزاز “ليجن آف ميرٽ آف دي ترڪ آرمڊ فورسز” جي اعزاز سان نوازيو ويو.

ترڪيھ جي گولچڪ نيول بيس جي دوري دوران پاڪستان جي سامونڊي فوج جي سربراھ ايڊمرل نويد اشرف آبدوزن جي تعميري صلاحيتن جو جائزو به ورتو.

ايڊمرل نويد اشرف ترڪ جھاز توڙي ميزبان ملڪ جي سامونڊي فوج جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن ۽ تنصيبن جو دورو بھ ڪيو ۽ ملڪ جي باني مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي مزار تي گل به رکيا.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ نيوي جي سربراھ جي ترڪيه جي دوري سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ دفاعي سامونڊي سھڪار کي ھٿي ملندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں