چنڊ تي انسانن لاءِ مستقل رھائش جون تياريون، ناسا نئين منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا 2030 تائين چنڊ تي هڪ نيوڪليئر ري ايڪٽر تعمير ڪرڻ جي منصوبابندي تيز ڪري رهي آهي، جيئن چنڊ تي انسانن لاءِ مستقل رهائش جو بندوبست ٿي سگهي.

هي منصوبو انهن عالمي ڪوششن جو حصو آهي، جن ۾ آمريڪا، چين، روس، ڀارت ۽ جاپان شامل آهن، جيڪي چنڊ جي سطح تي تحقيق، وسيلن جي ڳولا ۽ انساني آبادڪاري لاءِ مقابلو ڪري رهيا آهن.

نيويارڪ ٽائيمز موجب، آمريڪي ٽرانسپورٽ سيڪريٽري شان ڊفي، جنهن کي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ناسا جو عارضي سربراهه مقرر ڪيو آهي، ان ناسا کي خط لکي چيو تھ چنڊ تي مستقبل جي معيشت، مريخ تي توانائي پيدا ڪرڻ سان گڏ  خلا ۾ قومي سلامتي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، هن انتهائي اهم ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري ۾ جلدي ڪرڻ ضروري آهي.

شان ڊفي خانگي ڪمپنين کان تجويزون طلب ڪيون آهن ته هو اهڙو نيوڪليئر ري ايڪٽر ٺاهين، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 100 ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪري سگهي.

چين ۽ روس جا منصوبا

100 ڪلو واٽ بجلي جي پيداوار ايتري وڌيڪ ناهي، جيئن موازني طور هڪ عام زميني ونڊ ٽربائن 2 کان 3 ميگا واٽ (يعني 2000 کان 3000 ڪلو واٽ) بجلي پيدا ڪري ٿي، پر چنڊ جي ماحول لاءِ 100 ڪلو واٽ به تمام اهم سمجهي وڃي ٿي.

چنڊ تي نيوڪليئر ري ايڪٽر ٺاهڻ جو خيال نئون ناهي،2022ع ۾ ناسا ٽن ڪمپنين کي 5 ملين ڊالر جا معاهدا ڏنا هئا ته هو ري ايڪٽر جا ڊزائين تيار ڪن.مايو 2025 ۾، چين ۽ روس گڏجي اعلان ڪيو ته هو 2035 تائين چنڊ تي هڪ خودڪار نيوڪليئر پاور اسٽيشن تعمير ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.

شمسي توانائي تي ڀاڙڻ مشڪل ڇو آهي؟

چنڊ تي هڪ ڏينهن، زمين جي حساب سان، چار هفتن جو هوندو آهي، چنڊ تي 2 ھفتا مسلسل روشني ھوندي آھي ۽ 2 ھفتا مڪمل اوندھ ھوندي آھي.اهڙي حالت ۾، شمسي توانائي تي ڀاڙڻ انتهائي مشڪل ٿي پوي ٿو، ڇو ته اوندهه واري وقت ۾ بجلي نٿي ملي سگھي. ان ڪري، ڪيترائي سائنسدان اتفاق رکن ٿا ته نيوڪليئر توانائي ئي واحد حل ٿي سگهي ٿي، جيڪو مستقل، قابلِ اعتماد توانائي فراهم ڪري سگهي ٿو.

ان باوجود، ڪجه سائنسدانن ۽ تجزيه نگارن کي خدشو آهي ته هي منصوبو سائنس کان وڌيڪ سياسي ۽ جيو اسٽريٽجڪ مقصدن جي بنياد تي هلي رهيو آهي، خاص طور تي چين ۽ روس جي مقابلي ۾ برتري حاصل ڪرڻ آھي. انهن جو چوڻ آهي ته چنڊ تي نيوڪليئر تنصيبات ماحولي ۽ حفاظتي خطرا پيدا ڪري سگهن ٿيون، جن کي سمجهداريءَ سان سنڀالڻ جي ضرورت آهي.

چنڊ تي موڪليل مشن

اڄ تائين ڪيترن ئي ملڪن چنڊ تي تحقيقاتي مشنز موڪليا آهن، پر هاڻي ڪجهه ملڪ چنڊ تي مستقل انساني آبادڪاري  لاءِ ڪوشون ڪري رھيا آھن، انھن ملڪن ۾ آمريڪا، چين، روس، ڀارت ۽ جاپان شامل آھن.

چنڊ تي مشن موڪلڻ کانپوءِ آمريڪا سميت سمورن طاقتور ملڪن جو مشن آھي تھ چنڊ تي مستقل انساني آبادڪاري جي ڪوشش ڪئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں