اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي سربراھ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدر ٿيڻ وارين خبرن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
برطانوي رسالي ‘دي ايڪانامسٽ’ کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فيلڊ مارشل آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدر ٿيڻ واريون ڳالھيون مڪمل طور بي بنياد آھن.
ان کان اڳ وزيراعظم شھباز شريف بھ واضح ڪري چڪو آھي تھ فيلڊ مارشل صدر ٿيڻ جي نه خواھش ظاھر ڪئي آھي ۽ نھ وري اھڙي ڪا تجويز غور ھيٺ آھي، مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ عرفان صديقي بھ اھڙين خبرن جي ترديد ڪئي ھئي.
وفاقي وزير محسن نقوي بھ گذريل مھيني وضاحت ڪندي چيو ھو تھ اسان کي مڪمل طور خبر آھي تھ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شھباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي نشانو بڻائڻ واري مذمت جوڳي مھم پٺيان ڪير آھي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ھو ته مان ان باري ۾ واضح طور چئي چڪو آھيان تھ صدر کان استعيفيٰ وٺڻ يا آرمي چيف جي صدر ٿيڻ جي ڪا بھ تجويز غور ھيٺ نھ آھي.
ڀارت کي ھر ھنڌ نشانو بڻائي سگھون ٿا
برطانوي مئگزين پاران پڇيل سوالن جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت حملو ڪيو تھ ھيل ڀارت جي اوڀر علائقي کان شروعات ڪنداسين، شروعات ڀارت جي اندر گھڙي حملو ڪرڻ سان ٿيندي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تھ ڀارت کي اھو سمجھڻ جي ضرورت آھي ته ھو بھ ھر ھنڌ مارجي سگھن ٿا، پاڪ فوج جي ترجمان مودي جي دھشتگرد حملن جو فوجي ڪارروائي سان جواب ڏيڻ جو عزم ظاھر ڪيو.
22 اپريل 2025 تي پھلگام واقعي کانپوءِ ڀارت پاڪستان تي الزام بازي شروع ڪئي ھئي، جنھن کانپوءِ ٻنھي ملڪن جا لاڳاپا ڇڪتاڻ جي ور چڙھي ويا ھئا.
ڀارت سنڌ طاس معاھدو معطل ڪرڻ جو اعلان ڪندي پاڪستاني سفارتي عملي کي محدود ڪري ڇڏيو ھو ۽ ڀارت ۾ موجود پاڪستانين جي ويزا ڪينسل ڪندي علاج لاءِ آيل ٻارن سميت سمورن پاڪستانين کي ڪڍي ڇڏيو ھو.
ڀارتي ڪارروائين جي جواب ۾ پاڪستان سنڌ طاس معاھدي جي غير قانوني معطلي کي اعلان جنگ قرار ڏيندي ڀارتي سفارتي عملي کي محدود ڪرڻ سان گڏ ڀارتي سک ياترين جا ويزا ڪينسل ڪري ڇڏيا ھئا.
پاڪستان ڀارت سان ھر قسم جي تجارت رد ڪندي ڀارتي اڏامن لاءِ فضائي حدون بھ بند ڪري ڇڏيون ھيون.
ڀارت جو حملو ۽ پاڪستان جو منھن ٽوڙ جواب
ڀارت پاران 6 ۽ فيبروري جي وچ واري رات ڪوٽلي، بھاولپور، مريد ڪي، باغ ۽ مظفر آباد سميت 6 ھنڌن تي ميزائيل حملا ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ 26 شھري شھيد ۽ 46 زخمي ٿي پيا ھئا.
پاڪستان ڀارتي حملن جي جواب ۾ فوري دفاعي ڪارروائي ڪندي 3 رافيل جھازن سميت 5 ڀارتي جنگي جھازن کي نشانو بڻائي ڪيرايو ھو.
ڀارت 10 فيبروري جي رات پاڪستان جي 3 ھوائي اڏن کي ميزائيل ۽ ڊرون حملن جو نشانو بڻايو ھو، جنھن بعد پاڪستان صبح سوير ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ ‘آپريشن بنيان مرصوص’ شروع ڪيو ھو.
پاڪستان پاران آپريشن دوران ڀارت ۾ اڌم پور، پٺاڻ ڪوٽ، آدمپور ايئربيسز ۽ ڪيترين ئي ايئر فيلڊز کي نشانو بڻائي تباھ ڪيو ويو، ڀارت جي براھموس اسٽوريج سائيٽ ۽ دفاعي ميزائيل نظام ايس 400 بھ تباھ ڪيا ويا.
بعد ۾ ڀارت جي درخواست ۽ ٽرمپ انتظاميا جي مداخلت تي ڀارت ۽ پاڪستان ٻئي جنگبندي لاءِ راضي ٿيا، پر مودي سرڪار اڄ تائين ان حقيقت کان انڪاري آھي تھ جنگبندي آمريڪا جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٿي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 30 کان وڌيڪ ڀيرا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو ذڪر ڪري چڪو آھي.