ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستاني ميزبان ۽ اداڪارا ناديا خان پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات ۽ اداڪاري ۾ قدم رکڻ بابت دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن.
ناديا خان تازو سرڪاري ٽي وي جي پروگرام ”اسٽار اينڊ اسٽائل“ ۾ شرڪت دوران پنهنجي شوبز سفر بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته مشهور ڊراما نگار حسينه معين کيس ان وقت چونڊيو، جڏهن هوءَ پاڻ کي خوبصورت نہ سمجهندي هئي.
اداڪارا موجب ڪاليج جي زماني ۾ سندس ڪلاس فيلو کيس چونديون هيون ته هوءَ وڌ ۾ وڌ ڪنهن هيرو جي والد يا ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. سندس ساٿي شاگردياڻيون کيس عورت جي ڪردار لاءِ به ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ تيار نه هونديون هيون، ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ هوءَ نه ته گهڻي ڳوري هئي ۽ نه ئي نازڪ ۽ حسين نظر ايندي هئي.
ناديا خان چيو ته انهن سڀني ڳالهين باوجود هن بعد ۾ هيروئن جي ڪردار ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ شوبز ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي.
ناديا خان پنهنجي پهرين اداڪاري واري تجربي بابت ٻڌايو ته جڏهن هن اداڪار عدنان صديقي سان گڏ اداڪاري جي شروعات ڪئي ته هوءَ حقيقت ۾ تمام ننڍي عمر جي هئي.
هن ٻڌايو ته سندس پهريون شوٽ شهر کان ٻاهر ٿيو، جتي گهر کان پري هجڻ سبب کيس شديد گهٻراهٽ ۽ گهر جي ياد ستائڻ لڳي ۽ هوءَ روئڻ لڳي.
ناديا موجب پروڊيوسر کيس خاموش ڪرائڻ لاءِ چيو ته جيڪڏهن هوءَ روئڻ بند ڪري ته هر 30 منٽن کانپوءِ کيس آئس ڪريم ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ جوس به ڏنو ويو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته عدنان صديقي به ان وقت سندس ننڍي عمر تي حيران ٿي ويو هو ۽ چيو هو ته هوءَ ايتري ننڍي آهي ۽ هيروئن جهڙو رويو به نٿي رکي.
ناديا خان موجب ننڍي عمر ۾ شروع ٿيل اهو سفر اڳتي هلي کيس پاڪستان جي مشهور ٽي وي ميزبان ۽ اداڪارا بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.