بجلي واهپيدارن لاءِ وڏي رليف جو خاتمو، ڇا ايندڙ مهيني بلن ۾ نئون واڌارو ٿيندو؟

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي بجلي واهپيدارن کي ملندڙ هڪ رپيو 99 پيسا في يونٽ جو ٽہ ماهي رليف هلندڙ مهيني ختم ٿيڻ وارو آهي، جنهن کانپوءِ ايندڙ مهيني کان بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين نيپرا کان 23 ارب رپين کان وڌيڪ جو اضافي بار واهپيدارن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته في يونٽ اصل واڌ بابت حتمي فيصلو نيپرا ڪندو.

ذريعن موجب هن وقت واهپيدارن کي جنوري کان مارچ 2026ع جي ٽہ ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت 67 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رليف ملي رهيو آهي.

جون 2026ع کان لاڳو ٿيل موجوده ايڊجسٽمينٽ جي ٽن مهينن واري مدت آگسٽ ۾ مڪمل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ اپريل کان جون 2026ع واري سه ماهي ايڊجسٽمينٽ ايندڙ مهيني کان لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين طرفان نيپرا ۾ جمع ڪرايل درخواست موجب واهپيدارن تي 23 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار منتقل ڪرڻ جي اجازت گهري وئي آهي، جيڪو تقريبن هڪ رپيو في يونٽ اضافي جي برابر بڻجي ٿو.

بهرحال، بجلي جي اگهن ۾ اصل واڌ ڪيتري ٿيندي ۽ واهپيدارن تي ڪيترو بار منتقل ڪيو ويندو، ان جو حتمي فيصلو نيپرا جي منظوري کانپوءِ ٿيندو.

موجوده رليف ختم ٿيڻ سان ايندڙ مهيني کان بجلي جي بلن ۾ نئون اضافي بار پوڻ جو خدشو آهي، جنهن سان ملڪ جي لکين بجلي واهپيدارن جا خرچ وڌيڪ وڌي سگهن ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں