اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان روس ۽ يوڪرين جي تڪرار ۾ پاڪستاني شھرين جي ملوث ھئڻ واري يوڪرائيني صدر جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي آھي.
پرڏيھي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تھ اسان يوڪرين تڪرار ۾ پاڪستانين جي ملوث ھئڻ وارن بي بنياد الزامن کي رد ڪيون ٿا، يوڪريني اختيارين اڃا تائين تصديق ڪرڻ جوڳو ڪو ثبوت نھ ڏنو آھي.
ترجمان چيو تھ يوڪرين جي حڪومت پاران ان حوالي سان پاڪستان کي ڪا آگاھي بھ نھ ڏني وئي آھي، پاڪستاني حڪومت اھڙن الزامن تي يوڪرين جي حڪومت کان وضاحت طلب ڪندي.
پرڏيھي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو تھ پاڪستان يوڪرين تڪرار جو پرامن حل چاھي ٿو ۽ گڏيل قومن جي طئي ڪيل اصولن موجب ڳالھھ ٻولھھ ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جي نبيري تي يقين رکي ٿو.
يوڪريني صدر زيلنسڪي جا الزام
يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ايڪس تي سومر ڏينھن پوسٽ ڪيل پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو تھ روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا ويڙھاڪ روس طرفان يوڪرين خلاف وڙھي رھيا آھن.

يوڪريني صدر زيلنسڪي چيو تھ اڳين مورچن تي ويڙھھ ڪندڙ ڪمانڊرز سان اسان جي ڳالھھ ٻولھھ ٿي، ھنن ٻڌايو تھ روس جي طرفان مختلف ملڪن جا جنگجو اسان جي خلاف ويڙھھ ڪري رھيا آھن.
ھن چيو تھ جنگي محاذن تان ملندڙ رپورٽس موجب چين، تاجڪستان، ازبڪستان، پاڪستان ۽ ڪجھھ آفريقي ملڪن جا ڪرائي جا ويڙھاڪ بھ اسان جي خلاف جنگ ۾ شامل آھن.
پاڪستان تي يوڪرين ڏانھن ھٿيار اماڻڻ جا الزام

ميڊيا جي ڪجھھ رپورٽس، جن ۾ ‘بي بي سي’ جي 2023 جي ھڪ رپورٽ بھ شامل آھي، ۾ دعويٰ ڪئي وئي ھئي تھ پاڪستان 2 نجي آمريڪي ڪمپنين سان 36 ڪروڙ 46 لک ڊالرز جا ھٿيار وڪرو ڪرڻ جو معاھدو ڪيو ھو.
رپورٽس موجب معاھدي تحت اھي ھٿيار مبينا طور يوڪرين اماڻيا ويا، اھڙن الزامن جي پاڪستان جي پرڏيھي وزارت، اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روسي سفير البرٽ پي خوريف بھ ترديد ڪئي ھئي.
يوڪرين جي صدر زيلنسڪي ان کان اڳ روس تي چين جا ويڙھاڪ ڀرتي ڪرڻ جا الزام بھ ھنيا ھئا، چين پاران اھڙن الزامن جي ترديد ڪئي وئي ھئي.
روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ دوران ساڳيا الزام اتر ڪوريا تي بھ لڳي چڪا آھن، الزامن موجب اتر ڪوريا پنھنجا ھزارين فوجي روس جي ڪورسڪ واري علائقي ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آھن.
روس ۽ يوڪرين جي جنگ
روس ۽ يوڪرين جي جنگ 24 فيبروري 2022 ۾ ان وقت شروع ٿي، جڏھن روسي صدر ولاديمير پيوٽن روسي فوجن کي يوڪرين تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
روس ۽ يوڪرين جي جنگ پاڪستان ۾ ان ڪري بحثن جو موضوع بڻجي وئي جو روس جي يوڪرين تي حملي وقت پاڪستان جو ان وقت جو وزيراعظم عمران خان سرڪاري دوري تي روس ۾ موجود ھو.
اپريل ۾ وزيراعظم عمران خان جي حڪومت کي اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پاران بي اعتمادي ووٽ ذريعي ھٽايو ويو.