خوراڪ وٺڻ لاءِ پھتل نينگر کي اسرائيل فوج اک ۾ گولي ھڻي ڇڏي

فہرستِ مضامین

غزھ ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي فوج غزه ۾ هڪ امدادي ڪيمپ تي خوراڪ جي انتظار ۾ بيٺل فلسطيني ڇوڪري کي اک ۾ کولي ھڻي ڇڏي، بکايل ڀينرن خاطر خوراڪ وٺڻ لاءِ پھتل نينگر جي ھڪ اک جي بينائي متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي.

برطانوي خابرو اداري رائٽر جي رپورٽ موجب، فلسطيني نينگر کي اسرائيلي فوج ان وقت گولي ھنئي، جڏهن هو پنهنجي خاندان لاءِ خوراڪ جي تلاش ۾ هو، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نينگر شايد پنهنجي کاٻي اک جي بينائي ٻيهر حاصل نه ڪري سگهندو.

15 ورھين جو عبدالرحمٰن ابو جزر  برطانوي خابرو اداري رائيٽر سان ڳالھائيندي ٻڌايو تھ کيس اک ۾ گولي لڳڻ کانپوءِ بھ اسرائيلي فوج مٿس فائرنگ ڪندي رھي، جنھن سبب کيس لڳو تھ سڀ ڪجھھ ختم ٿي ويو آھي، ائين سمجھيو تھ ھاڻي “ موت ويجھو آھي”.

ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ امداد وٺڻ لاءِ پھتو ھيس

اسپتال جي بستر تان خوفناڪ واقعو بيان ڪندي نينگر ٻڌايو تھ ھو پهريون ڀيرو امداد وٺڻ لاءِ ڪيمپ تي پھتو ھو، ڇو تھ منھنجي ڀائر ۽ ڀينرون بکايل ھئا، مان انھن کي اھڙي حالت ۾ نھ پيو ڏسي سگھان.

عبدالرحمٰن ابو جزر ٻڌايو ته هو صبح سوير کان امداد لاءِ قطار ۾ بيٺل هو ۽ پنج ڪلاڪ انتظار ڪندو رهيو. پنج ڪلاڪن بعد، هو غزه سٽي جي المنتزه پارڪ واري علائقي تائين ماڻهن سان گڏ اڳتي وڌندو رھيو، جڏهن فائرنگ ٿي ته هو ٽن ٻين ماڻهن سان گڏ ڊوڙي رهيو هو،انهن ٽنهي کي به گوليون لڳيون.

گولي لڳڻ سبب کاٻي اک جي بنائي متاثر

نينگر وڌيڪ ٻڌايو تھ جيئن ئي اسان ڊوڙڻ لڳاسين، انهن فائرنگ شروع ڪئي، ڪجھھ وقت بعد مونکي محسوس ٿيو تھ ڄڻ جسم ۾ ڪرنٽ لڳو آھي،پوءِ مان بيهوش ٿي ويس. جڏهن هوش آيو ته ماڻهن کان پڇيم، مان ڪٿي آهيان؟

نينگر موجب، ويجھو موجود ماڻهن ٻڌايو ته کيس مٿي ۾ گولي لڳي آهي. مان ڏاڍو ڊڄي ويس ۽ دعائون پڙهڻ لڳس. جڏهن اسپتال پهتس ته ڊاڪٽر موبائيل جي روشني زخمي اک جي ويجهو ڪري پڇيو ته ڇا تون ڏسي سگھين ٿو ؟ مان نه ڏسي سگهيس. ڊاڪٽر چيو ته گولي لڳڻ سبب اک کي سخت نقصان پهتو آهي.

امداد حاصل ڪندڙن جا لاش اسپتالن ۾!

غزه جي صحت واري وزارت موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسپتالن ۾ 119 لاش آندا ويا آهن، جن مان 15 لاش ملبي هيٺان يا ٻين هنڌن تان ڪڍيا ويا، 866 فلسطينين کي زخمي حالت ۾ اسپتالن پھچايو ويو، گهٽ ۾ گهٽ 65 فلسطيني امداد حاصل ڪرڻ دوران شهيد ٿي ويا ۽ 511 زخمي ٿيا.

الجزيره موجب، آچر ڏينهن فجر کان وٺي اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب 92 ماڻهو شھيد ٿي ويا، جن مان 56 امداد حاصل ڪندڙ شهري هئا. اسرائيلي فوج انهن فلسطيني ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، جيڪي  ھڪ امدادي اداري جي نگراني هيٺ امداد ورهائڻ وارن پوائنٽس تي خوراڪ وٺڻ ويا هئا. گڏيل قومن موجب، مئي کان وٺي اڄ تائين  13 ھزار کان وڌيڪ امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ فلسطيني شھيد ٿي چڪا آھن

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں