رشميڪا مندانا شوٽنگ دوران زخمي، هڏي متاثر ٿيڻ جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪارا رشميڪا مندانا فلم ”ميسا“جي گاني جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ هوءَ ڪجهه عرصي تائين سوشل ميڊيا کان پري رهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، رشميڪا مندانا شوٽنگ دوران زخمي ٿيڻ سبب آرام ڪري رهي هئي. اداڪارا هاڻي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي پنهنجي صحت بابت مداحن کي آگاهه ڪيو آهي.

رشميڪا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته زخمي ٿيڻ واقعي ڏکيو هوندو آهي ۽ سندس خواهش هئي ته ان بابت ڪنهن کي خبر نه پوي. هن مداحن کان معذرت ڪندي چيو ته هوءَ ڪجهه وقت لاءِ سوشل ميڊيا تان غائب رهي، پر هاڻي ٻيهر واپس اچي وئي آهي.

اداڪارا وڌيڪ لکيو ته اهو واقعو ڪجهه وقت اڳ پيش آيو هو ۽ هي لاڳيتو ٽيون ڌڪ آهي. هن چيو ته هاڻي کيس اهو سکڻ گهرجي ته پنهنجي جسم سان مشين وانگر نہ پر هڪ انسان وانگر ورتاءُ ڪري.

رشميڪا مندانا ٻڌايو ته سندس ساڄي ڪُلهي ۾ ڌڪ لڳو، جنهن سبب هڏي به متاثر ٿي. سندس چوڻ هو ته اهو حادثو فلم ”ميسا” جي ڊانس شوٽ دوران پيش آيو ۽ هي سندس ڪيريئر جي هينئر تائين سڀ کان وڌيڪ مشڪل ۽ جسماني طور سخت فلم ثابت ٿي رهي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں