غزه (ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران غزه ۾ جنگبندي لاءِ نئين منصوبي جو اعلان ٿيڻ باوجود اسرائيل تازا حملا جاري رکيا، جن ۾ وڌيڪ 19 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب غزه شهر جي السوسي ٽاور تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا، جن ۾ هڪ حامله عورت پڻ شامل هئي، شهيد ٿي ويا.
خان يونس جي علائقي القراره ۾ هڪ رهائشي عمارت تي حملي دوران به هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا شهيد ۽ 3 زخمي ٿيا.
رپورٽن موجب دير البلح ۾ 5 فلسطيني شهيد ٿيا، جن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي، جڏهن ته جباليا ڪيمپ، المواصي ۽ الرمل وارن علائقن ۾ به اسرائيلي حملن سبب ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿيا.
فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته آچر ڏينهن ٿيل حملن ۾ تازن هفتن دوران سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن هڪ ڏينهن اڳ الاقصيٰ شهدا اسپتال سان لاڳاپيل دوائن جي گودامن کي به نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب طبي سهولتن کي سخت نقصان پهتو. غزه جي صحت واري وزارت چيو آهي ته دوائن کي تباهه ڪرڻ “بيماري کي به جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ” جي برابر آهي.
ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته اسرائيل ان وقت تائين غزه مان پنهنجون فوجون واپس نه گهرائيندو، جيستائين حماس مڪمل طور هٿيار نه ڦٽا ڪري.
عرب ميڊيا موجب اسرائيل جنگبندي واري منصوبي ۾ قطر ۽ ترڪيه جي ڪردار سميت ٻين شقن تي به تحفظات ظاهر ڪيا آهن.
هوڏانهن حماس دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل جنگبندي بابت ٿيندڙ اڳڀرائي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ حملن ۾ تيزي آڻي رهيو آهي ۽ ثالث ملڪن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيل کي معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي.