ميڊيرا (ويب ڊيسڪ): عالمي شهرت يافته فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ سندس مڱيندي جورجينا روڊريگيز جي شادي بابت نيون رپورٽون سامهون آيون آهن، جن موجب ٻنهي جي شادي 8 آگسٽ تي پرتگال جي ٻيٽ ميڊيرا ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اڃا تائين ٻنهي طرفان ان جي باضابطه تصديق ناهي ڪئي وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ جورجينا روڊريگيز، جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان گڏ آهن، جلد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ وارا آهن.
برطانوي ميڊيا جي دعوائن موجب شادي جي تقريب 8 آگسٽ تي پرتگال جي ٻيٽ ميڊيرا ۾ منعقد ٿيڻ جو امڪان آهي، جتي رونالڊو جي پيدائش ٿي ۽ سندس پرورش پڻ اتي ئي ٿي.
رپورٽن موجب شادي جي مذهبي تقريب فنشال گرجا گهر ۾ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته استقباليه تقريب ساوواءِ پيلس ۾ منعقد ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.
رپورٽن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته رونالڊو گذريل سال لڳ ڀڳ اٺن سالن جي لاڳاپي کانپوءِ جورجينا کي شادي جي آڇ ڪئي هئي، جنهن دوران هن کيس قيمتي هيرن جي منڊي پڻ پيش ڪئي هئي.
جورجينا بعد ۾ اها منڊي سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي جي شادي بابت قياس آرائيون وڌيڪ تيز ٿي ويون.
واضح رهي ته رونالڊو ۽ جورجينا پهريون ڀيرو 2017ع ۾ گڏ نظر آيا هئا. ٻنهي جا گڏيل طور پنج ٻار آهن، جڏهن ته 2022ع ۾ سندن ڄاول جڙواڻن مان هڪ ٻار فوت ٿي ويو هو.