ڪراچي (بيورو رپورٽ) بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ مبينا طور پٿراءُ، سيف سٽي ڪيمرائن ۽ پوليس موبائل جا شيشا ٽوڙڻ واري واقعي جو ڪيس سرڪاري فرياد ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس 3 کدڙن فقيرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيل واقعي بابت داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ مجموعي طور 8 کدڙن فقيرن کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مڇريل کدڙا فقير وڏي انگ ۾ بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ داخل ٿيا، گارگند ڪئي ۽ ٿاڻي ۾ بيٺل گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا.
پوليس اختيارين موجب، اهلڪارن صورتحال کي پرامن بڻائڻ ۽ کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مڇريل ماڻهن مبينا طور سيف سٽي روم جو دروازو به ٽوڙي ڇڏيو.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روڪڻ باوجود مڇريل کدڙن فقيرن ٿاڻي ۾ موجود سائلين پڻ تشدد جو نشانو بڻايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي هدايت تي گداگري ايڪٽ تحت ڪجهه پينو فقيرن کي حراست ۾ ورتو ويو هو. حراست دوران هڪ کدڙي فقير جي نڪ مان رت نڪتو، جنهن کانپوءِ ڪجهه کدڙن فقيرن ان واقعي کي مبينا طور تشدد جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوليس موجب، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته نامزد ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون پڻ جاري آهن.