ٿرپارڪر ۾ برساتي پاڻي ۽ ترائين ۾ ٻڏي ٻن معصوم ٻارڙن سميت 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

فہرستِ مضامین

مٺي (رپورٽ: اعجاز بجير) ٿرپارڪر ضلعي ۾ برساتن کانپوءِ گڏ ٿيل پاڻي ۽ ترائين ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ جا افسوسناڪ واقعا پيش آيا آهن، جن ۾ ٻن معصوم ٻارڙن سميت چار ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا.

پهرئين واقعي ۾ مٺي ڀرسان ڳوٺ ڀڪوئو ۾ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ٻه معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا. فوتين جي سڃاڻپ مهتاب ولد وشنو ۽ شهديو ولد ڪستورو ميگهواڙ طور ٿي، جيڪي پاڻ ۾ سئوٽ هئا. مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻنهي ٻارڙن جا لاش پاڻي مان ڪڍيا، جنهن بعد علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي.

ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ رڻڇاڻي ۾ ترائي ۾ وهنجڻ دوران نوجوان ليمون ولد همير ميگهواڙ ٻڏي فوت ٿي ويو. واقعي کانپوءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت نوجوان جو لاش ترائي مان هٿ ڪري ورتو.

هوڏانهن، ٽئين واقعي ۾ ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ ڪاريهار ۾ نوجوان عقيد پٽ اسلم لنجو ترائي ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت سندس لاش پاڻي مان ڪڍي ورتو.

ٿرپارڪر ۾ برساتن کانپوءِ پاڻي سان ڀريل کوهن، ترائين ۽ برساتي تلائن سبب جاني نقصان جا واقعا وڌي رهيا آهن، جنهن ڪري علائقي واسين لاڳاپيل اختيارين کان حفاظتي اپاءَ وٺڻ ۽ خطرناڪ هنڌن تي احتياطي انتظام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں