فيصل آباد: بئنڪ مان سون غائب، 5 ڪروڙ 33 لک رپين جي فراڊ ۾ ڪيشيئر سميت 2 جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) فيصل آباد ۾ بئنڪ جي گولڊ فنانس اسڪيم ۾ 5 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ جي مبينا فراڊ ۽ سون غائب ڪرڻ واري ڪيس ۾ بئنڪ جي ڪيشيئر ۽ سوناري کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي موجب مامون ڪانجن ۾ قائم بئنڪ جي گولڊ فنانس اسڪيم جي جاچ دوران 5 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو.

جاچ دوران بئنڪ مان 17 ٿيلها سون غائب مليا، جڏهن ته ڪيترن ئي گولڊ لون ڪيسن ۾ جعلي ۽ گهٽ وزن وارو سون پڻ سامهون آيو.

تحقيقات موجب 107 گولڊ لون اڪائونٽس متاثر ٿيا، جنهن سبب بئنڪ کي 5 ڪروڙ 33 لک 62 هزار رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهتو.

ايف آءِ اي سوناري طاهر محمود، بئنڪ ڪيشيئر محمد ارشد ۽ عبدالرزاق خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ان دوران ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي ڪردار جو به تعين ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں