خيرپور ميرس (رپورٽ: فياض شيخ) ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي هدايتن تي پوليس گم ٿيل ٻار طيب جوڳي جي بازيابي لاءِ ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون. پوليس عملدار ٻار جي گهر پهچي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ جلد بازيابي جي خاطري ڪرائي.
ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او شاهه لطيف ۽ وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او طيب جوڳي جي گهر پهچي سندس وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي بابت مڪمل تفصيل حاصل ڪيا.
پوليس عملدارن وارثن کي يقين ڏياريو ته طيب جوڳي جي جلد بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن ۽ ان مقصد لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي سرچ ۽ جاچ واريون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
پوليس موجب، گم ٿيل ٻار طيب جوڳي جي بازيابي پهرين ترجيح آهي، جنهن لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايس ايس پي خيرپور جي سڌي نگراني هيٺ جاچ ۽ ڳولا وارو عمل جاري آهي، ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته گم ٿيل ٻار کي جلد بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويندو.