ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارا مومنه اقبال پنهنجي مڙس حمزه حبيب سان گڏ رومانوي فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ بعد تنقيد جي ور چڙهي وئي آهي.
مومنه اقبال جو هن سال جون مهيني ۾ حمزه حبيب سان نڪاح ٿيو هو، جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي وائرل ٿيون هيون. رپورٽن موجب اداڪارا جي رخصتي نومبر يا ڊسمبر ۾ متوقع آهي.
نڪاح کانپوءِ مومنه اقبال مختلف موقعن تي پنهنجي مڙس سان گڏ تصويرون ۽ وڊيوز مداحن سان شيئر ڪندي رهي آهي. تازو سمنڊ ڪناري ڪرايل رومانوي فوٽو شوٽ جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويون.
وائرل تصويرن ۾ مومنه اقبال ۽ حمزه حبيب کي خوشگوار موڊ ۾ فوٽو شوٽ ڪرائيندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن انهن تصويرن تي تنقيد ڪندي راءِ ڏني آهي ته ذاتي زندگي جا اهڙا نجي لمحا سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ٻئي پاسي ڪجهه مداحن اداڪارا جي حمايت ڪندي چيو ته ذاتي زندگي جون يادون شيئر ڪرڻ هر شخص جو ذاتي فيصلو آهي، تنهن ڪري ان تي غير ضروري تنقيد مناسب ناهي.