واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ سول جوهري معاهدي جي منظوري سعودي عرب جي ابراهيمي معاهدن ۾ شموليت سان مشروط هوندي.
پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته آمريڪي توانائي کاتو ۽ سعودي عرب وچ ۾ سول جوهري معاهدي جي منظوري ڏني ويندي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته سعودي عرب ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿئي.
هن واضح ڪيو ته آمريڪا غير فوجي مقصدن لاءِ سول جوهري پروگرام جي مخالفت نٿو ڪري، جڏهن ته سعودي عرب سان ٿيندڙ معاهدي ۾ يورينيم جي افزودگي شامل نه هوندي.
آمريڪي صدر چيو ته هي معاهدو رڳو پرامن ۽ غير فوجي استعمال لاءِ هوندو. سندس چوڻ هو ته اهڙي نوعيت جا سول جوهري معاهدا اڳ ئي ايران، گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۽ ٻين ملڪن وٽ موجود آهن.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا جو مقصد خطي ۾ سول جوهري سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي، جڏهن ته معاهدي جون سڀئي شرطون علائقائي استحڪام ۽ آمريڪي پاليسي موجب طئي ڪيون وينديون.