سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس تشدد خلاف نصير آباد ۾ احتجاج

فہرستِ مضامین

نصير آباد (رپورٽ: جي ايم مسڻ) سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ٻٻرلو ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن تي پوليس تشدد خلاف عوامي تحريڪ تعلقي نصيرآباد پاران ٻئي ڏينهن به ڳوٺ ننگر جهتيال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهري جي اڳواڻي ڪامريڊ محمد رفيع لغاري، حميد انقلابي، غلام شبير ٻڌ، محمد هاشم جهتيال، سورج لغاري ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته هارين، آبادگارن، سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جلال پور ڪينال، ٽي پي لنڪ ڪينال، سي جي لنڪ ڪينال سميت ٻين منصوبن ذريعي سنڌ جو پاڻي روڪڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ جي سازش هلي رهي آهي. هنن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ گهٽتائي سبب زرعي شعبي ۽ آبادگارن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙ اڳواڻن مهانگائي، تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ عورتن خلاف وڌندڙ تشدد تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته حڪومت عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ ۾ رڌل آهي.

مظاهري ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جلال پور ڪينال، ٽي پي لنڪ ڪينال، سي جي لنڪ ڪينال سميت سنڌ جي پاڻي تي اثرانداز ٿيندڙ سڀئي منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن، سنڌ کي پاڻي ٺاهه موجب مڪمل حصو ڏنو وڃي ۽ ڀاشا ڊيم سميت ماحول ۽ پاڻي تي ناڪاري اثر وجهندڙ منصوبن تي ڪم روڪيو وڃي.

مظاهرين ٻٻرلو ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارڙن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل سڀني ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث ذميوار پوليس عملدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں