اسپين ارجنٽينا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ جو چيمپيئن، منفرد عالمي اعزاز به پنهنجي نالي ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل ۾ اسپين دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا کي 1-0 تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو، جڏهن ته ان فتح سان اسپين فٽبال جي تاريخ ۾ هڪ منفرد اعزاز پڻ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

نيويارڪ جي نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ فيصلائتي مقابلي جي شروعات کان ئي اسپين جي ٽيم راند تي مڪمل حاوي رهي ۽ ارجنٽينا جي گول تي لاڳيتو حملا ڪندي رهي، پر پهرين هاف ۾ ڪنهن به ٽيم کي گول ڪرڻ ۾ ڪاميابي نه ملي. اسپين جي مضبوط دفاع سبب ارجنٽينا سڄي پهرين هاف دوران مخالف ٽيم جي گول تي هڪ به شاٽ هڻي نه سگهي، جنهن ڪري وقفي تائين مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو.

ٻئي هاف ۾ به ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو جاري رهيو. مقرر وقت ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ اسپين جي رانديگر تي فاؤل ڪرڻ سبب ارجنٽينا جي رانديگر فرنانڊس کي ريفري ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ارجنٽينا کي باقي وقت ڏهه رانديگرن سان کيڏڻو پيو. ان باوجود مقرر وقت تائين ڪنهن به ٽيم گول نه ڪيو ۽ مقابلو اضافي وقت ۾ داخل ٿي ويو.

اضافي وقت جي پهرين هاف ۾ به اسڪور برابر رهيو، پر ٻئي ۽ فيصلاڪن هاف جي شروعات ۾ ئي اسپين جي اسٽار رانديگر فيرن ٽوريس بهترين موقعي مان فائدو وٺندي فيصلائتو گول ڪري ڇڏيو، جنهن سان اسپين 1-0 جي برتري حاصل ڪئي ۽ اها برتري آخر تائين برقرار رکي ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

هن شاندار ڪاميابي سان اسپين دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن هڪ ئي وقت مردن ۽ عورتن ٻنهي جي فيفا ورلڊ ڪپ جا ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيا آهن. واضح رهي ته اسپين 2023ع ۾ عورتن جي فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل به کٽي چڪو آهي، جڏهن ته هاڻي مردن جو ورلڊ ڪپ کٽي فٽبال جي تاريخ ۾ نئون سنگ ميل قائم ڪري ڇڏيو آهي.

ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ ڪنهن به ٽيم اسپين خلاف سرسي حاصل نه ڪئي، نئون عالمي رڪارڊ قائم

نيويارڪ: اسپين فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ هڪ منفرد رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

نيويارڪ جي نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ اسپين شاندار راند جو مظاهرو ڪندي دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا کي 1-0 تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو.

اسپين جي ڪاميابيءَ جو فيصلائتو گول فيرن ٽوريس اضافي وقت جي ٻئي هاف ۾ ڪيو.

هن فتح سان اسپين فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو هڪ منفرد رڪارڊ به قائم ڪري ڇڏيو. اسپين سڄي ٽورنامينٽ دوران رڳو هڪ گول قبول ڪندي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي.

ورلڊ ڪپ 2026ع دوران اسپين خلاف صرف هڪ گول اسڪور ڪيو ويو، جڏهن ته ٽورنامينٽ جي اٺن ئي ميچن ۾ ڪا به ٽيم اسپين خلاف سرسي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، جنهن سان اسپين عالمي فٽبال جي تاريخ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

فيفا ورلڊ ڪپ: فرانس جي اسٽار فٽبالر ايمباپي لاڳيتو ٻيو ڀيرو گولڊن بوٽ ايوارڊ کٽي ورتو

نيويارڪ: فرانس جي اسٽار فٽبالر ڪليان ايمباپي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪري گولڊن بوٽ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ايمباپي ٽورنامينٽ دوران 10 گول ڪري سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ رانديگر رهيو، جڏهن ته ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي 8 گولن سان ٻئي نمبر تي رهيو.

هن ڪاميابي سان ايمباپي دنيا جو پهريون فٽبالر بڻجي ويو آهي، جنهن لڳاتار ٻه ڀيرا گولڊن بوٽ ايوارڊ حاصل ڪيو آهي.

واضح رهي ته ايمباپي ورلڊ ڪپ جي گذريل ايڊيشن ۾ به سڀ کان وڌيڪ گول ڪرڻ تي گولڊن بوٽ ايوارڊ کٽيو هو.

2022ع جي فيفا ورلڊ ڪپ دوران ايمباپي 8 گول ڪري گولڊن بوٽ جو حقدار بڻيو هو.

فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع: چيمپيئن اسپين تي ڊالرن جي برسات، ڪيتري انعامي رقم ملي؟

نيويارڪ: فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا کي 1-0 تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجندڙ اسپين جي ٽيم تي ڊالرن جي برسات ٿي وئي.

نيويارڪ ۾ کيڏيل سنسني خيز فائنل ۾ مقرر وقت تائين ٻنهي ٽيمن مان ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، جڏهن ته اضافي وقت جي پهرين هاف ۾ به مقابلو برابر رهيو.

اضافي وقت جي ٻئي ۽ فيصلاڪن هاف جي شروعات ۾ اسپين جي رانديگر فيرن ٽوريس فيصلائتو گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 16 سالن کانپوءِ ٻيو ڀيرو ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل کٽرائي ڏنو.

اسپين کي ڪيتري انعامي رقم ملي؟

فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي فاتح ٽيم اسپين کي 5 ڪروڙ آمريڪي ڊالر انعام طور ڏنا ويا، جڏهن ته گذريل ايڊيشن جي فاتح ٽيم کي 4 ڪروڙ 20 لک ڊالر مليا هئا.

رنر اپ ارجنٽينا کي 3 ڪروڙ 30 لک ڊالر انعامي رقم ملي.

ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ انگلينڊ کي 2 ڪروڙ 90 لک ڊالر، جڏهن ته چوٿين نمبر تي رهندڙ فرانس کي 2 ڪروڙ 70 لک ڊالر ڏنا ويا.

فيفا جي اعلان موجب ورلڊ ڪپ 2026ع دوران مجموعي طور 65 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر انعامي رقم طور ورهايا ويا، جڏهن ته 2022ع جي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي انعامي رقم 44 ڪروڙ ڊالر هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں