ڪراچي: درخشان ٿاڻي جي حد ۾ شهري جي مبينا شارٽ ٽرم اغوا واري واقعي ۾ ملوث 4 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري سندن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
پوليس موجب واقعو سنيپ چيڪنگ دوران پيش آيو، جتي اهلڪارن هڪ شهري کي چيڪنگ لاءِ روڪيو. الزام آهي ته چيڪنگ مڪمل ٿيڻ باوجود اهلڪار شهري کي پنهنجي گاڏي ۾ ويهاري مختلف رستن تي گهمائيندا رهيا.
پوليس اختيارين موجب شهري الزام لڳايو آهي ته اهلڪارن کيس آزاد ڪرڻ عيوض 50 هزار رپيا ورتا.
واقعي کانپوءِ لاڳاپيل چئن پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معاملي جي مڪمل جاچ لاءِ حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ذميوارن خلاف قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.