ذوالفقار قادري
هي انهن ڏينهن جو قصو آھي جڏھن چار اپريل 1979ع تي ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي تي چاڙهايو، ذوالفقار علي ڀٽي جا ٻئي پٽ ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جلاوطني جي زندگي گهاري رهيا هئا، پيءُ جي ڦاهي بعد ٻنهي ڀائرن جنرل ضياءَ خلاف هٿياربند ويڙھہ جو فيصلو ڪيو.
افغانستان ۾ روسي فوجون داخل ٿي چڪيون هيون، آمريڪن سي آئي اي پاڪستان جي فوجي حڪومت معرفت روس مخالف افغان جهادين جي مدد ڪري رهي هئي افغان ويڙھہ ۾ شريڪ گروپن کي پاڪستان هر طرح جي مدد ڪري رهيو هو. ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جنرل ضياءَ خلاف پاڪستان لبريشن آرمي جوڙي جيڪا پو۽ ”الذوالفقار“ تنظيم جي نالي سان مشھور ٿي.
افغانستان جي روس نواز سرڪار پلئہ طور الذوالفقار تنظيم جي هر حوالي سان مدد ڪئي. الذوالفقار جو هيڊ ڪواٽر افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ وزير اڪبر خان روڊ تي قائم ڪيو ويو، جتي مير ميرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي رهائش بہ هئي. مير مرتضيٰ ڀٽو انهي روڊ تي واڪ لاءِ نڪري ويندو ساڳئي روڊ تي افغان وزارت خارجہ ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ عملدار فصيح الدين جي ڌيءُ فوزيہ بہ واڪ ڪندي هئي اهڙي طرح فوزيہ جي واقفيت ٿي جيڪا اڳتي هلي شادي جي صورت اختيار ڪري وئي.
فوزيہ جي ننڍي ڀيڻ ريحانہ جو تعلق وري شاهنواز ڀٽو سان جڙي ويو ۽ ٿوري ئي وقفي سان شاهنواز ڀٽو بہ ريحانہ سان شادي ڪري ڇڏي پر ٻنهي ڀائرن جي وليمي جي تقريب هڪ ئي رٿي وئي. مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جڏھن پنهنجي شادي جي وليمي جو ڪارڊ افغان انٽيليجنس اداري جي سربراه حفيظ الله امين کي موڪليو تہ حفيظ الله امين کين ٻڌايو تہ فصيح الدين جي گهراڻي جا رابطا آمريڪن سي آئي اي معرفت افغان جهادين سان آھن مون کي آگاه ڪيو ها تہ مان اوهان کي شادي کان منع ڪيان ها پر هاڻي دير ٿي چڪي هئي.
مير مرتضيٰ ڀٽو جي شادي فوزيہ سان ٿي جڏھن تہ شاهنواز ڀٽو جي شادي فوزيہ جي ننڍي ڀيڻ ريحانہ سان ٿي گذري. 24 آگسٽ 1982ع تي ڪابل جي هڪ فوجي اسپتال ۾ سخت پهري هيٺ ريحانہ هڪ نياڻي کي جنم ڏنو. شاهنواز ڀٽو پنهنجي نياڻي جو نالو شاه لطيف جي هڪ سورمي پويان ”سسئي“ رکيو.
1985ع جي جولائي واري مهيني ۾ بيگم نصرت ڀٽو کي بينظير ڀٽو صاحبہ ڦڦڙن جي ڪينسر جي علاج واسطي فرانس پهتي. صنم ڀٽو لنڊن کان فرانس پهتي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو اڳ ۾ فرانس پهتل هئا، سندن رهائش فرانس جي ساحلي شھر ”ڪينز“ ۾ ھئي.
ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بعد هي پهريون دفعو هو جو ڀٽو خاندان وري پاڻ ۾ ملي رهيو هو. اهو 18 جولائي 1985ع جو ڏينهن هو اچانڪ ريحانہ جي مير مرتضيٰ ڀٽو کي فون آئي تہ شاهنواز کي ڪجهہ ٿي ويو آھي. مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ بينظير ڀُٽو جڏھن شاهنواز ڀٽو جي فليٽ تي پهتا تہ شاهنواز ڀٽو جو دم پرواز ڪري چڪو هو. فرانس جي پوليس شاهنواز ڀٽو جي گهر واري کي حراست ۾ ورتو ۽ لاش جو تفصيلي معائنو ڪيو ويو. لاش جي رپورٽ مطابق شاهنواز جو موت زهر سبب ٿيو.
ريحانہ کي ڪجهہ عرصو حراست ۾ رکڻ بعد آزاد ڪيو ويو. ريحانہ فرانس ۾ رهي ٿي جڏھن تہ سسئي آمريڪا ۾ رهي ٿي. سسئي هر سال لاڙڪاڻي ايندي آھي. 2008ع ۾ سسئي ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ بعد ووٽ بہ داخل ڪرايو، شناختي ڪارڊ ۾ سسئي ڀٽو هي تفصيل ڏنو آھي،
نالو : سسئي ڀٽو
پيءُ جو نالو : شاهنواز ڀٽو
ڄم جي تاريخ : 24 آگسٽ 1982ع
مادري ٻولي : سنڌي
مستقل پتو : المرتضيٰ هاؤس لاهوري محلو لاڙڪاڻو
عارضي پتو : 70 ڪلفٽن ڪراچي