بلوچستان حڪومت لسٻيلا ڊويزن جي قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔
نوٽيفڪيشن موجب نئين ڊويزن ۾ لسٻيلو، حب ۽ آواران ضلعا شامل آهن، جڏهن ته لسٻيلا ڊويزن جو هيڊڪوارٽر اوٿل ۾ قائم ڪيو ويو آهي۔
خضدار جي سب تحصيل سارونا جي ٻن يونين ڪائونسلن کي ٻن مختلف ضلعن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ يونين ڪائونسل کي ضلعي لسٻيلا ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔
نوٽيفڪيشن موجب سارونا جي ٻي يونين ڪائونسل کي ضلعي حب جو حصو بڻايو ويو آهي۔