فهميده رياض
ڪوٽ غلام محمد، ضلعي ميرپورخاص ۾ پيش آيل هن واقعي سڄي سنڌ کي لوڏي ڇڏيو آهي۔
پوليس موجب هڪ شخص، جيڪو پاڻ کي عامل يا روحاني معالج چوندو هو، هڪ خاندان کي يقين ڏياري ٿو ته هو سندن ٻن مهينن کان گم ٿيل عورت جو پتو لڳائي سگهي ٿو۔ انهيءَ بهاني هو ٻن گهٽ عمر ڇوڪرين کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو، جڏهن ته والدين کي اچڻ کان منع ڪري ڇڏي ٿو۔
ايف آءِ آر موجب ڇوڪرين ۽ انهن جي چاچي کي مبينا طور نشي آور شربت پيئاريو ويو۔ بعد ۾ هڪ ڇوڪري مئل ملي، جڏهن ته ٻي بيهوشي جي حالت ۾ ملي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي شاهدن موجب جنسي زيادتي ۽ نشي آور شربت موت جو سبب ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته حتمي راءِ پوسٽ مارٽم ۽ فرانزڪ رپورٽ کان پوءِ سامهون ايندي۔
پوليس مرڪزي جوابدار رامون ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي اڃا تائين فرار آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي۔ پوليس موجب رامون ڪولهي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي۔
پر سوال اهو آهي ته اهي ڀوپا يا عامل آخر ڪير هوندا آهن؟
سنڌ، خاص طور ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ بدين سميت ڪجهه علائقن ۾ هندو برادري جي هڪ حصي ۾ اهو عقيدو موجود آهي ته ڪجهه بيمارين، نفسياتي مسئلن يا بدقسمتي جو سبب جنات، ڀوت ٿي سگهن ٿا۔ اهڙن معاملن ۾ ڪجهه ماڻهو روحاني علاج لاءِ ڀوپن ڏانهن رجوع ڪندا آهن۔
محقق ڀارو مل امراني موجب ڀوپن جي هڪ مخصوص سڃاڻپ هوندي آهي۔ اهي خاص لباس پائيندا آهن، وڏيون مالائون پائيندا آهن ۽ مخصوص رسمون ادا ڪندا آهن۔
انهن رسمن ۾ ڍولڪي وڄائڻ، مخصوص انداز ۾ رقص ڪرڻ ۽ ڪجهه وقت مريض تي جسماني تشدد ڪرڻ به شامل هوندو آهي۔ هن عمل کي ڪجهه علائقن ۾ “ڌونڻ” چيو ويندو آهي۔
ماهر چون ٿا ته گهڻا ماڻهو ان وقت اهڙن ماڻهن وٽ ويندا آهن جڏهن هو شديد ذهني دٻاءُ، بيماري، گمشدگي يا ڪنهن وڏي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا هوندا آهن۔ انهيءَ ڪمزوري مان ڪجهه جعلي عامل فائدو وٺندا آهن۔
گذريل سال بدين ۾ جنات ڪڍڻ جي نالي تي مبينا تشدد دوران هڪ عورت سنگيتا فوت ٿي وئي هئي۔ جڏهن ته 2022ع ۾ سانگهڙ ۾ هڪ عورت کي مبينا ڪاري جادو جي رسم دوران قتل ڪيو ويو هو۔ انهن ٻنهي مقدمن ۾ به پوليس عاملن کي گرفتار ڪيو هو۔
پاڪستان ۾ تازو ئي پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ قلم 297 اي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪارو جادو، جادو ٽوڻا يا روحاني علاج جي نالي تي دوکو ڏيڻ کي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي۔ هن قانون تحت سزا گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا ۽ وڌ ۾ وڌ ست سال قيد، جڏهن ته ڏهه لک پاڪستاني رپين تائين ڏنڊ به ٿي سگهي ٿو۔
تنهن هوندي به دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪوٽ غلام محمد جي موجوده ڪيس ۾ اڃا تائين هي نئون قلم شامل نه ڪيو ويو آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس اغوا، گينگ ريپ، قتل، اقدام قتل ۽ زهر ڏيڻ سميت ٻين قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جاچ دوران ضرورت پوڻ تي نئين قانوني شق به شامل ڪري سگهجي ٿي۔
هن کان اڳ بدين ۾ سنگيتا جي قتل واري ڪيس ۾ به اتفاقي موت جا قلم شامل ڪيا ويا ھئا، جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار آزاد ٿي ويا، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن قانون ٺهي به وڃن ته انهن جو درست استعمال نٿو ٿئي۔