فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي تاريخ جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مصر جي قومي فٽبال ٽيم جو وطن واپسي تي هزارين مداحن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو۔
قومي جهنڊا لهرائيندي، قومي ترانا ڳائيندي ۽ ساراهه وارا بينر کڻي هزارين شوقين اتر سامونڊي شهر العلمين جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي ٽيم جي استقبال لاءِ گڏ ٿيا.
ورلڊ ڪپ ۾ مصر پهريون ڀيرو ميچ کٽڻ سان گڏ آخري 16 ٽيمن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن کي ملڪ جي فٽبال تاريخ جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي.
مداحن ٽيم جي ڪپتان محمد صلاح جون تصويرون پڻ کڻي رکيون هيون، جن تي سندس خدمتن جي واکاڻ ڪندي ٿورا ۽ ساراهه جا پيغام لکيل هئا.
ٽيم اوپن ٽاپ بس ۾ نيو العلمين جي گهٽين تي پريڊ پڻ ڪئي، جتي شهرين وڏي جوش ۽ جذبي سان رانديگرن جو استقبال ڪيو.
صدر عبدالفتاح السيسي قومي فٽبال ٽيم ۽ ان جي ڪوچنگ اسٽاف سان پڻ ملاقات ڪندو۔
جيتوڻيڪ مصر کي پري ڪوارٽر فائنل ۾ ليونل ميسي جي ارجنٽينا هٿان 2-3 تان شڪست ملي، تنهن هوندي به ٽيم پنهنجي شاندار راند جي ڪري سڄي قوم جون دليون کٽي ورتيون.
ان دوران مصري فٽبال فيڊريشن هيڊ ڪوچ حسام حسن ۽ سندس ڀاءُ ابراهيم حسن جي معاهدن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي، جن جي قيادت هيٺ ٽيم تازن سالن دوران نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن۔