طوفان باوي سبب ڏکڻ فلپائن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي مختلف واقعن ۾ لڳ ڀڳ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ويجهي ٻيٽ منڊانائو ۾ 6 ڄڻا لاپتا ٿي ويا آهن۔
طوفان سبب جاپان جي ڏاکڻين ٻيٽن ۽ تائيوان ۾ به تيز برساتن ۽ سخت هوائن جي ڪري معمول جي زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي۔
سخت موسمي حالتن سبب جاپان ۾ 345 اڏامون منسوخ ڪيون ويون، فيري سروس معطل ڪئي وئي ۽ 24 هزار کان وڌيڪ گهرن جي بجلي به بند ٿي وئي آهي۔
جاپان جي اوڪيناوا ۽ ساڪشيما ٻيٽن ۾ في ڪلاڪ 198 ڪلوميٽر رفتار سان هوائون هلڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔
طوفان جو رخ تائيوان ڏانهن ٿيڻ سبب تائيوان ۾ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 920 بين الاقوامي ۽ 280 اندروني اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن۔
طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي شهرن ۾ سرڪاري آفيسون ۽ تعليمي ادارا پڻ بند ڪيا ويا آهن۔
طوفان جي چين جي شهر وينژو سان به ٽڪرائجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔
چيني اختيارين ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي هنگامي تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته سياحتي ماڳ ۽ فيري سروس پڻ معطل ڪئي وئي آهي۔