لائیو سنڌ جي مختلف شهرن  ۾ اٽي جي بحران جو خدشو وڌي ويو، ذخيره اندوزي سبب اٽو 170 رپيا في ڪلو تائين وڪرو

فہرستِ مضامین

ڪراچي:(نمائندن وٽان) وڏي پيماني تي ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي سبب سنڌ جي مختلف شهرن  ۾ اٽي جي بحران جو خدشو وڌي ويو آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ اٽو سرڪاري اگهن بدران 170 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.

فلور ملز ايسوسيئيشن جي ذريعن موجب ڪڻڪ جي موجوده بحران جو هڪ وڏو سبب حڪومتي پاليسي آهي، جنهن تحت فلور مل مالڪن سان گڏ واپارين کي به ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ان کان پوءِ ڪيترن ئي واپارين وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪري گودامن ۾ ذخيرو ڪري ڇڏي، جنهن سان کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي فراهمي گهٽجي وئي ۽ قيمتون تيزي سان وڌي ويون.

فلور ملز ۽ اٽو چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ سرڪاري اگهن تي اٽو وڪڻڻ عملي طور ناممڪن بڻجي ويو آهي. سندن مطابق جيڪڏهن کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي موجوده قيمتن کي نظرانداز ڪري سرڪاري اگهن تي وڪرو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ته شهر ۾ اٽي جي شديد کوٽ، مارڪيٽن ۾ افراتفري ۽ ننڍين فلور ملز ۽ چڪين جي بند ٿيڻ جا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا.

مختلف شهرن مان ورتل رپورٽ موجب  هن وقت سرڪاري اگهه تي اٽو تقريبن ڪٿي به دستياب ناهي. مارڪيٽ ۾ عام اٽو 145 کان 150 رپيا في ڪلو، فائن اٽو 160 کان 170 رپيا في ڪلو ۽ چڪي جو اٽو به لڳ ڀڳ 170 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.

فلور ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته کليل مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت 116 رپيا في ڪلو تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته فلور ملز کي سرڪاري ڪڻڪ فراهم نه ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سپر ريگيولر اٽي جي ايڪس مل قيمت لڳ ڀڳ 135 رپيا ۽ فائن اٽي جي ايڪس مل قيمت 144 رپيا في ڪلو ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري سرڪاري اگهه موجوده مارڪيٽ جي حقيقتن سان مطابقت نٿا رکن.

ٻئي طرف اٽو چڪي ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ننڍن چڪي مالڪن کي ڪڻڪ لڳ ڀڳ 125 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي. پسائي، بجلي، مزدوري، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين خرچن کان پوءِ هڪ ڪلو اٽي جي لاڳت لڳ ڀڳ 160 رپيا بيهي ٿي، تنهن ڪري 170 رپين کان گهٽ اگهه تي اٽو وڪڻڻ ممڪن ناهي.

هوڏانهن سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ڪراچي سميت مختلف شهرن جي انتظاميا شهر ۾ سرڪاري اگهن تي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي، منافعي خوري، مصنوعي کوٽ ۽ وڌيڪ اگهه وصول ڪرڻ خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

جمعي ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ موجب ڪراچي جي ستن ضلعن ۾ فلور ملز، اٽو چڪين، هول سيل ۽ پرچون وڪرو ڪندڙن سميت مختلف مرڪزن تي مجموعي طور 673 جاچون ڪيون ويون، جن دوران 143 ڀڃڪڙيون سامهون آيون. انتظاميا ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪاروباري ادارن تي مجموعي طور 12 لک 5 هزار رپين جا ڏنڊ لاڳو ڪيا، جڏهن ته سنگين ڀڃڪڙين تي ٻه ڪاروباري مرڪز سيل ڪيا ويا ۽ 144 ادارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

انتظاميا موجب وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ دڪاندارن خلاف موقعي تي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيا ويا، جڏهن ته ڪجهه واپارين کي خوراڪ کاتي کان گهربل لائسنس حاصل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون. ضلعي انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ جاچون ڪورنگي ضلعي ۾ ڪيون ويون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں