اسلام آباد:(بيورورپورٽ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اڳوڻن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي سرڪاري (بليو) پاسپورٽ جاري ڪرڻ بابت ترميمي بل منظور ڪري ورتو آهي.
تفصيل موجب، سينيٽر عبدالقادر پاران “ميمبرز آف پارليامينٽ (سيلريز اينڊ الائونسز) ترميمي ايڪٽ 2026” ڪميٽي آڏو پيش ڪيو ويو، جنهن کي غور هيٺ آڻڻ بعد منظوري ڏني وئي.
بل ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته اڳوڻا پارليامينٽ ميمبر به سرڪاري بليو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جا حقدار هوندا. ان سان گڏ سندن گهر واري يا مڙس ۽ 28 سالن کان گهٽ عمر وارا مالي طور انهن تي ڀاڙيندڙ ٻار پڻ مفت بليو پاسپورٽ حاصل ڪري سگهندا.
بل جي حمايت ۾ چيو ويو ته رٽائرڊ وفاقي سيڪريٽرين ۽ سندن خاندانن کي اڳ ئي اها سهولت حاصل آهي، تنهن ڪري اڳوڻن چونڊيل نمائندن کي به ساڳيون سهولتون ڏيڻ گهرجن ته جيئن ٻنهي کي هڪجهڙو درجو حاصل هجي.
هاڻي هي ترميمي بل سينيٽ جي وڌيڪ قانونسازي واري مرحلي مان گذرندو، جنهن کان پوءِ ان کي قومي اسيمبلي ۽ ٻين آئيني مرحلن لاءِ پيش ڪيو ويندو. قانوني عمل مڪمل ٿيڻ بعد ئي اها ترميم باقاعده لاڳو ٿي سگهندي.
بل جي منظوري کان پوءِ سياسي ۽ عوامي حلقن ۾ مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن. ڪجهه حلقا ان کي اڳوڻن پارليامينٽ ميمبرن جي خدمتن جي اعتراف طور ڏسي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ناقدن جو خيال آهي ته موجوده معاشي حالتن ۾ عوامي نمائندن لاءِ وڌيڪ سرڪاري مراعتون ڏيڻ تي بحث ٿيڻ گهرجي.