لائیو بالي ووڊ اداڪار راج پال يادو کي چيڪ بائونس ڪيس ۾ ٽن مهينن جي قيد، ڪروڙين رپين جي ادائيگي جو حڪم

فہرستِ مضامین

نئين دهلي:(انٽرنيشنل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور مزاحيه اداڪار راج پال يادو کي دهلي هاءِ ڪورٽ چيڪ بائونس جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڏنل سزا برقرار رکندي ٽن مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي آهي. عدالت ساڻس گڏ مالي ذميواري به برقرار رکندي شڪايت ڪندڙ ڌر کي وڏي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، هي ڪيس 2010ع ۾ راج پال يادو جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل فلم لاءِ ورتل قرض سان لاڳاپيل آهي. قرض جي واپسي لاءِ جاري ڪيل ڪيترائي چيڪ بائونس ٿيڻ کانپوءِ شڪايت ڪندڙ ڪمپني عدالت سان رجوع ڪيو. وقت سان گڏ وياج ۽ ٻين چارجن سبب واجب الادا رقم لڳ ڀڳ 9 ڪروڙ ڀارتي رپين تائين پهچي وئي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ ڪنهن به شخص جي شهرت يا پيشو کيس قانون کان مٿانهون نٿو بڻائي. عدالت راج پال يادو جون اپيلون رد ڪندي هيٺين عدالتن جا فيصلا برقرار رکيا.

فيصلي موجب، راج پال يادو کي ستن مختلف چيڪ بائونس ڪيسن ۾ شڪايت ڪندڙ کي هر ڪيس بابت هڪ ڪروڙ پنج لک رپيا ادا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته اڳ ۾ ادا ڪيل رقم ان مان ڪاٽي ويندي. عدالت سندس زال راڌا يادو بابت پڻ لاڳاپيل مالي ذميوارين جو حڪم برقرار رکيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، دهلي هاءِ ڪورٽ راج پال يادو کي اعليٰ عدالت سان رجوع ڪرڻ لاءِ محدود مهلت پڻ ڏني آهي، جنهن دوران سزا تي عارضي طور عمل روڪيو ويو آهي، جيئن هو وڌيڪ قانوني رليف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي.

راج پال يادو بالي ووڊ جي مشهور مزاحيه اداڪارن مان هڪ آهي ۽ هو هيرا ڦيري، ڀول ڀليا، هنگاما، گرم مصالحا، ڀاڳم ڀاڳ ۽ ٻين ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري سبب وڏي شهرت ماڻي چڪو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں