تحرير: شڪيل سومرو
ڇا ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن تي تازو حملو رڳو هڪ جهيڙو هو، يا وري تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ ڪري سياسي ۽ جمهوري آواز کي روڪڻ جي هڪ ڪوشش هئي؟
اهو سوال ان ڪري به اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هي پهريون واقعو ناهي. ڪراچي يونيورسٽي جي تاريخ شاهد آهي ته مختلف وقتن تي جمهوري، لبرل، سيڪيولر ۽ ترقي پسند شاگرد تنظيمن سان ٽڪراءَ ٿيندا رهيا آهن، ۽ انهن تڪرارن ۾ جمعيت جي شاگرد ونگ جو نالو بار بار سامهون ايندو رهيو آهي.
هن ڀيري به سنڌي شاگرد رڳو هڪ نعرو هڻي رهيا هئا: “ڪراچي ڪنهن جي؟ سنڌين جي.”
سوال اهو آهي ته ڇا ڪراچي کي سنڌ جو حصو چوڻ يا پنهنجي تاريخي ۽ آئيني سڃاڻپ جو اظهار ڪرڻ ملڪ دشمني آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سنڌ جي لکين ماڻهن جي ان سياسي ۽ تاريخي موقف کي ڇا سڏيو ويندو، جيڪو ڏهاڪن کان اهو ئي نعرو هڻندو رهيو آهي؟
تاريخ ته ان جي ابتڙ ڳالهائي ٿي. پاڪستان جي قيام جي حق ۾ سڀ کان پهرين ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي منظور ڪيو هو. پوءِ سنڌين تي حب الوطنيءَ جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ يا کين ملڪ دشمن قرار ڏيڻ جي ڪهڙي منطق آهي؟
اصل سوال رڳو نعري جو ناهي، پر اظهار جي آزادي ۽ اونرشپ جو آهي. جيڪڏهن يونيورسٽي ۾ شاگرد پنهنجي سياسي راءِ به نٿا ڏئي سگهن، ته پوءِ يونيورسٽيون علم جا مرڪز آهن يا خوف جا؟
هتي هڪ ٻيو اهم سوال به اڀري ٿو. جڏهن شاگردن ۽ استادن تي حملو ٿي رهيو هو، يونيورسٽي انتظاميا ڪٿي هئي؟ پوليس موجود هوندي به قانون تي عمل ڇو نه ٿيو؟ حملو ڪندڙن کي روڪڻ بدران زخمي شاگردن کي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڌرڻو ڇو هڻڻو پيو؟
اهي سوال رڳو انتظاميا کان نه، پر سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کان به پڇڻ گهرجن.
ڪراچي يونيورسٽي هميشه مختلف نظرين، خيالن ۽ بحث مباحثن جو مرڪز رهي آهي. جمهوريت جو حسن اهو آهي ته مختلف راءِ رکندڙ ماڻهو دليل سان ڳالهائين، نه ڪي ڏنڊن ۽ تشدد سان.
جيڪڏهن ڪنهن تنظيم کي لبرل،قومي, جمهوري، سيڪيولر يا ترقي پسند سوچ سان اختلاف آهي ته ان جو جواب تشدد نه، پر دليل هجڻ گهرجي. تشدد صرف اهو ثابت ڪري ٿو ته اختلاف کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي رهي آهي.
تعليمي ادارن ۾ دهشت، خوف ۽ تشدد جي ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اڄ هڪ شاگرد تنظيم کي خاموش ڪرايو ويندو ته سڀاڻي ڪنهن ٻي جي واري ايندي. خاموش يونيورسٽيون ڪڏهن به باشعور سماج پيدا نٿيون ڪن.
تنهن ڪري ضروري آهي ته هن واقعي جي آزاد ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي، حملي ۾ ملوث سڀني ماڻهن خلاف بنا ڪنهن امتياز جي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، يونيورسٽي انتظاميا جي ذميواري به طئي ڪئي وڃي، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ڪراچي يونيورسٽي سميت سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ هر شاگرد کي، سندس ٻولي، قوميت يا سياسي سوچ کان سواءِ، مڪمل تحفظ ۽ اظهار جي آزادي جي ضمانت ڏني وڃي.
ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيون هٿيارن سان نه، پر دليل، علم ۽ برداشت سان هلنديون آهن.