لائیو زيارت ۾ 30 پوليس اهلڪارن جي شهادت کانپوءِ وارثن جو ڌرڻو، انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

ڪوئيٽا: (بيورورپورٽ) بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ پوليس چوڪي تي ٿيل دهشتگرد حملي ۽ ان کانپوءِ اغوا ڪيل پوليس اهلڪارن جي قتل خلاف شهيدن جي وارثن ۽ ساٿين ڪوئيٽا ۾ لاشن سميت ڌرڻو هڻي حڪومت کان انصاف، جوابدهي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ مؤثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

بي بي سي اردو موجب، ڌرڻي ۾ شامل شهيدن جي وارثن جو چوڻ هو ته حملي دوران پوليس اهلڪار بار بار اعليٰ اختيارين کان هٿيارن، اضافي نفري ۽ مدد جي اپيل ڪندا رهيا، پر کين وقت سر امداد نه ملي. سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن وقت تي مدد پهچي ها ته ڪيتريون ئي قيمتي جانيون بچائي سگهجن پيون.

واقعي موجب، هٿياربندن زيارت ضلعي جي منگي ڊيم واري علائقي ۾ قائم پوليس چوڪي تي وڏي پيماني تي حملو ڪيو، جنهن ۾ شروعاتي طور 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته ڪيترائي اهلڪار اغوا ڪيا ويا. بعد ۾ فوجي ترجمان موجب اغوا ڪيل 18 پوليس اهلڪارن کي به قتل ڪيو ويو، جنهن سان شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جو انگ 27 ٿي ويو، جڏهن ته ٻين حملن ۾ 11 فوجي جوان پڻ شھيد ٿي ويا. سرڪاري انگن موجب انهن حملن ۾ مجموعي طور 42 سيڪيورٽي اهلڪار شھيد ٿيا.

واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو. سرڪاري دعويٰ آهي ته مختلف ڪارروائين دوران ڪيترائي هٿياربند مارجي ويا ۽ علائقي ۾ ڳولا جو سلسلو جاري آهي.

ڌرڻي ۾ شامل وارثن مطالبو ڪيو ته حملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ۽ پوليس اهلڪارن کي مستقبل ۾ مناسب هٿيار، حفاظتي سامان ۽ وقت سر مدد فراهم ڪرڻ لاءِ مؤثر نظام جوڙيو وڃي. هنن چيو ته شهيدن جي قربانين کي وسارڻ بدران انهن جي خاندانن سان انصاف ڪيو وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن واقعي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں