خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي: آمريڪا جا ٻه بحري جهاز ايران ويجهو پهچي ويا

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: خطي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌڻ کان پوءِ آمريڪي نيوي ايران ويجهو پنهنجا ٻه جهاز بردار بحري جهاز يو ايس ايس ابراهم لنڪن ۽ يو ايس ايس جارج ايڇ ڊبليو بش مقرر ڪري ڇڏيا آهن.

نيويارڪ پوسٽ جي رپورٽ موجب، هن قدم جو مقصد آبنائي هرمز جي چوڌاري سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي تهران تي دٻاءُ وڌائڻ ٿي سگهي ٿو. سامونڊي آمدرفت تي نظر رکندڙ ادارن موجب، ٻئي بحري جهاز خليج عمان ۾ داخل ٿي چڪا آهن.

اها مقرري اهڙي وقت ڪئي وئي آهي، جڏهن آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن جي آمدرفت تي حملن جا خدشا وڌي رهيا آهن. عالمي سطح تي تيل جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو فراهمي هن اهم سامونڊي رستي ذريعي ٿيندي آهي.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ان وقت ٻيهر تيز ٿي وئي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ عارضي جنگبندي ختم ٿي چڪي آهي، جيتوڻيڪ ڳالهين جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو.

ان کان پوءِ آمريڪا ايران تي خطي ۾ ٽن آئل ٽينڪرن تي حملن جو الزام لڳايو ۽ ايراني فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا. جواب ۾ ايران ٻه ڏينهن اڳ خليجي ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو.

برطانوي نيوز ايجنسي موجب، اربع ۽ خميس ڏينهن ايران جي 6 شهرن ۾ ڪيل آمريڪي حملن ۾ لڳ ڀڳ 17 ماڻهو مارجي ويا.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) وچ اوڀر ۾ آمريڪي نيوي جا 20 کان وڌيڪ جنگي جهاز مقرر ڪري رکيا آهن. بحري طاقت ۾ هن واڌ جو مقصد خطي جي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ استحڪام برقرار رکڻ ٻڌايو ويو آهي.

جڏهن سينٽ ڪام کان پڇيو ويو ته ڇا اها مقرري ايران جي معيشت کي ماضي ۾ نقصان پهچائيندڙ بحري ناڪابندي ٻيهر شروع ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي، ته هن آپريشنل معاملن تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو. تنهن هوندي به، ٻئي جهاز بردار بحري جهاز ايران جي ميزائلن جي ممڪن حد اندر ڏٺا ويا آهن، جنهن سبب انهن لاءِ خطرا وڌي ويا آهن.

فائونڊيشن فار ڊفينس آف ڊيموڪريسيز جي سينيئر فيلو ۽ رٽائرڊ ريئر ايڊمرل مارڪ مونٽگمري نيويارڪ پوسٽ سان ڳالهائيندي چيو ته فوجي چرپر معمول جو حصو هوندي آهي، پر جڏهن بحري جهازن کي ناڪابندي يا آبنائي هرمز مان گذرندڙ سامونڊي رستن جي مدد لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ته اهي عام طور تي ايراني علائقي جي وڌيڪ ويجهو اچي ويندا آهن.

آمريڪي نيوي جي موجودگي ۾ اضافو ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته آمريڪا جي توجهه آبنائي هرمز جي ڪنٽرول تي آهي، جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن کي قابو ۾ رکيو وڃي. نومبر ۾ ٿيندڙ ڪانگريس چونڊن کان اڳ اهو معاملو صدر ٽرمپ لاءِ سياسي طور به اهم سمجهيو وڃي ٿو.

ٻئي طرف، قطر جو هڪ وفد تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ايران ۾ ڳالهيون مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو، جڏهن ته ايراني عملدار ممڪن طور آبنائي هرمز بابت ڳالهين لاءِ اڄ عمان جو دورو ڪندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں