سعودي عرب واضح ڪيو آھي تھ غزھ ۾ جنگ جي خاتمي ۽ فلسطيني رياست جي قيام تائين اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي نھ آڻينداسين.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اھڙو اظھار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان نيويارڪ ۾ فرانسيسي پرڏيهي وزير جين نوئل بارو سان گڏ اعليٰ سطحي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ دوران ڪيو.
سعودي عرب ۽ فرانس جي ميزباني ھيٺ اھا ڪانفرنس وچ اوڀر ۾ ٻھ رياستي حل لاڳو ڪرڻ بابت منعقد ڪئي وئي. سعودي پرڏيھي وزير شھزادي فيصل چيو تھ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو معاملو فلسطيني رياست جي قيام سان مشروط آھي.
سعودي وزير کان ابراهم معاهدي بابت سوال
شھزادي فيصل کان سوال ڪيو ويو ته سعودي عرب ابراهم معاهدن کي فلسطين لاءِ تسليم ڪرڻ جي صورت ۾ ڳنڍي ٻيهر شروعات ڪري سگهي ٿو، جنهن تي سعودي وزير چيو ته کين اميد آهي ته اڄ جيڪو واضح اتفاق راءِ سامهون آيو آهي، جيڪو سڀاڻي به ظاهر ٿيندو، اهو فلسطيني رياست جي قيام ڏانھن هڪ مضبوط اڳڀرائي جي نشاندھي ڪري ٿو، اھا اڳڀرائي لاڳاپن جي بحاليءَ سان واڳيل ڳالھين جو در کولي سگھي ٿي.
سعودي پرڏيھي وزير چيو تھ غزھ ۾ اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشي جاري رھڻ تائين اسرائيل سان لاڳاپن جي بحالي ناممڪن آھي.
اسرائيل سان ڪڏهن ڳالهيون شروع ٿينديون؟
سعودي وزير چيو ته ڳالهيون صرف تڏهن شروع ٿي سگهن ٿيون جڏهن غزه ۾ جاري تڪرار ختم ٿئي ۽ اتان جي ماڻهن جا عذاب گھٽجي وڃن، ھاڻوڪين حالتن ۾ لاڳاپن جي بحالي بابت ڳالھائڻ جو ڪو جواز نھ آھي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي فلسطيني رياست جي قيام بابت به ڳالهائڻو آهي ۽ جڏهن هي مقصد حاصل ٿيندو ته پوءِ ئي اسان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ بابت ڳالهائي سگهنداسين.