پاڪستان گئس بحران کان بچڻ لاءِ هڪ ٻيو ايل اين جي ڪارگو خريد ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پاڪستان جولاءِ جي وچ ڌاري گئس جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ٻيو اسپاٽ ايل اين جي ڪارگو خريد ڪري ورتو آهي.

سرڪاري ڪمپني پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ (پي ايل ايل) گهٽ ۾ گهٽ ٻولي ڏيڻ تي برٽش پيٽروليم (بي پي) سنگاپور کي هڪ لک 40 هزار ڪيوبڪ ميٽر ايل اين جي ڪارگو جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪو 15 ۽ 16 جولاءِ تي پورٽ قاسم جي پي جي پي سي ايل ٽرمينل تي پھچندو.

پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ موجب برٽش پيٽروليم (بي پي) سنگاپور في ايم ايم بي ٽي يو 18.2345 ڊالر جي گهٽ ترين ٻولي ڏئي تازو اسپاٽ ايل اين جي ٽينڊر حاصل ڪيو آهي. هن ٽينڊر لاءِ عالمي سپلائرز طرفان مجموعي طور تي ٽي ٽيڪنيڪي ۽ مالي طور مناسب ٻوليون وصول ٿيون.

ميڊيا رپورٽ موجب پيٽرو چائنا انٽرنيشنل في ايم ايم بي ٽي يو 18.5991 ڊالر ۽ ٽوٽل انرجيز 18.7200 ڊالر جي ٻولي ڏني. پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (PPRA) جي ضابطن موجب گهٽ ۾ گهٽ ٻولي ڏيڻ تي بي پي سنگاپور کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.

پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ 9 جولاءِ تي اسپاٽ ايل اين جي ڪارگو جي خريداري لاءِ عالمي واپاري ڪمپنين کان ٽينڊر طلب ڪيا هئا. ٻوليون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ جمعي ڏينهن منجهند اڍائي وڳي هئي، جڏهن ته مالي ٻوليون جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ساڍي 3 وڳي کوليون ويون.

ترميم ٿيل پي پي آر اي ضابطن تحت ڪمپني کي ساڳئي ڏينهن رات 10 وڳي تائين ڪامياب ٻولي ڏيندڙ کي فيصلي کان آگاهه ڪرڻو هوندو آهي.

رپورٽ موجب 11 جولاءِ تي ٽوٽل انرجيز طرفان فراهم ڪيل اسپاٽ ايل اين جي کڻي ايندڙ جهاز ايس ڪي ريزوليوٽ پورٽ قاسم پهچڻ وارو آهي. ان کان اڳ هلندڙ سال ارادا، بي ڊبليو هيليوس ۽ سي پيڪ ميگيلن به پاڪستان ايل اين جي ڪارگو پهچائي چڪا آهن.

بي پي سنگاپور جو ڪارگو ملڻ کان پوءِ هلندڙ سال پاڪستان کي اسپاٽ مارڪيٽ مان ملندڙ ايل اين جي ڪارگوز جو انگ پنج ٿي ويندو.

ٻئي طرف پاڪستان قطر انرجي سان ڊگهي مدي واري حڪومتي معاهدي تحت به ايل اين جي حاصل ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ فيبروري 2026 ۾ خطي ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ سبب فراهمي متاثر ٿي، پر هينئر تائين قطر مان پنج ڊگهي مدي وارا ڪارگو پاڪستان پهچي چڪا آهن.

اهي ڪارگو برينٽ خام تيل جي قيمت جي 13.37 سيڪڙو فارمولي تحت فراهم ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب انهن جي قيمت اسپاٽ مارڪيٽ مان خريد ڪيل ايل اين جي جي ڀيٽ ۾ نمايان طور گهٽ آهي.

بي پي سنگاپور جو ڪارگو پهچڻ کان پوءِ هلندڙ سال پاڪستان جون مجموعي ايل اين جي درآمدون 10 ڪارگوز تائين پهچي وينديون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں