ايران جنگبندي تي مڪمل عمل ڪيو، آمريڪا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي: عراقچي

فہرستِ مضامین

تهران: ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته تهران آمريڪا سان ٿيل جنگبندي واري معاهدي تحت پنهنجي واعدن تي مڪمل طور عمل ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ان جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

عباس عراقچي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايران هيل تائين پنهنجو واعدو نڀايو آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ آمريڪا جو نام نهاد ناڻي وارو وزير مفاهمتي يادداشت جي شق 9 جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

هن پنهنجي بيان ۾ مفاهمتي يادداشت جي شق 9 جو حوالو ڏيندي چيو ته ان شق موجب آمريڪا خطي ۾ وڌيڪ فوجي دستا مقرر نه ڪندو.

عباس عراقچي چيو ته معاهدي تي عملدرآمد هڪ طرفو نٿو ٿي سگهي، ايران پنهنجي سمورن واعدن تي عمل ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي قدم معاهدي ۽ طئي ٿيل واعدن جي ابتڙ آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اڳڀرائي تڏهن ئي ممڪن هوندي، جڏهن ٻئي ڌريون هڪجهڙي نموني معاهدي جون پابنديون نڀائين.

ياد رهي ته ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي اڄ عمان جو دورو ڪندو، جتي هو خطي جي تازي صورتحال، خاص طور آبنائي هرمز ۾ پيدا ٿيل حالتن بابت اعليٰ سطحي ڳالهيون ڪندو.

ايراني سرڪاري نيوز اداري ارنا موجب، ان دوري دوران ٻنهي ملڪن جا عملدار علائقائي سلامتي، سامونڊي لنگھن جي صورتحال ۽ آبنائي هرمز ۾ پيش آيل تازي اڳڀرائي بابت تفصيلي صلاح مشورا ڪندا.

آبنائي هرمز عالمي واپار ۽ تيل جي ترسيل لاءِ انتهائي اهم سامونڊي رستو سمجهيو وڃي ٿو، تنهن ڪري اتي جي صورتحال تي عالمي سطح تي به گهري نظر رکي پئي وڃي.

ايران ۽ عمان وچ ۾ ٿيندڙ اها ملاقات علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ انتهائي اهم قرار ڏني پئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں