ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ گھم وارو رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي شهر ۾ تيز هوائون هلڻ ۽ ڪجهه علائقن ۾ هلڪي ڦڙ ڦڙ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ هوا ۾ گھم جو تناسب 75 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سامونڊي هوائون 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.