ڪراچي: جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
عدالت ملزمہ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 25 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪئي، جڏهن ته ڪيسن جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
جيل ذريعن موجب، ڇهن ڪيسن ۾ چالان ۽ شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون جوابدار عورت کي جيل ۾ فراهم ڪيون ويون آهن. عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي عملي ذاتي طور تي دستاويز ملزمہ تائين پهچايا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ملزمہ انمول خلاف 2020ع، 2021ع ۽ 2022ع ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، ۽ هوءَ انهن ڪيسن ۾ مفرور هئي.
پوليس موجب گارڊن ٿاڻي جي ڪيس ۾ گرفتاري کان پوءِ ملزمہ کي ٻين ڪيسن ۾ به گرفتار ڪيو ويو آهي.