ميھڙ: چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ام رباب چانڊيو جو نوجوان سئوٽ رياض چانڊيو قتل

فہرستِ مضامین

ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ڊٻ ڪوڙو ۾ چانڊيه برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو فائرنگ ۾ ام رباب چانڊيو جو سئوٽ نوجوان رياض چانڊيو قتل ٿي ويو آھي.

نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، اطلاع تي وڏي تعداد ۾ چانڊيه برادري جا ماڻھو پڻ اسپتال پھچي ويا.

پوليس موجب تہ ابتدائي اطلاع آھن ته چانڊيه برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين تي فائرنگ ٿي آھي فائرنگ سبب زرعي زمين تي ٽريڪٽر ھلائيندڙ ھڪ ڄڻو قتل ٿيو آھي واقعي جي جانچ ڪري رھيا آھيون.

ھوڏانھن ام رباب چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪجھ وقت اڳ قتل ڪيس مان بري ٿيل ساڳين جوابدارن پنھنجن ماڻھن سان گڏجي زرعي زمين تي ھلندڙ ٽريڪٽر مٿان حملو ڪري منھنجي سئوٽ کي قتل ڪيو آھي.

 ھن چيو ته صبح کان وٺي فائرنگ ھلندڙ آھي پوليس ڪو ريسپانس نه ڏنو  آھي، اسان بار بار پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس تحرڪ نه ورتو جنھن سبب ھي نقصان ٿيو آھي.

 ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته ٽن ماڻھن کي قتل ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل جوابدارن کي بري ڪيو ويو جن اڄ وري اچي منھنجي سئوٽ کي قتل ڪيو آھي.

قانون ھنن کي ڪجھ نه ٿو ڪري سگھي انھن اڄ وري قانون کي چيلينج ڪندي اسان جو تمام وڏو نقصان ڪيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں