اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي شڪايت ڪائونسل (لاهور) جيو نيوز خلاف هلندڙ ڪيس ۾ اهم فيصلو ڪندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان باضابطه راءِ طلب ڪري ورتي آهي. هي معاملو ڏهين محرم الحرام جي نشريات دوران مقدس هستين جي تصويري عڪاسي بابت سامهون آيو هو، جنهن تي پيمرا اڳ ئي جيو نيوز خلاف ڪارروائي ڪندي چينل جو لائسنس عارضي طور معطل ڪيو هو.
رپورٽن موجب، پيمرا شڪايت ڪائونسل جو اجلاس 30 جون تي لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ پيمرا اٿارٽي طرفان جيو نيوز خلاف موڪليل ريفرنس تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران ڪائونسل فيصلو ڪيو ته حتمي سفارشون تيار ڪرڻ کان اڳ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي شرعي ۽ آئيني رهنمائي حاصل ڪئي وڃي.
ڪائونسل اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان پڇيو آهي ته ڇا جيو نيوز طرفان پيش ڪيل معافي، انتظامي قدم ۽ لائسنس جي معطلي ڪافي آهي يا اسلامي تعليمات جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني يا انتظامي ڪارروائي جي ضرورت آهي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اها هڪ هفتي اندر اسلامي تعليمات، شريعت ۽ لاڳاپيل قانوني اصولن جي روشني ۾ پنهنجي راءِ پيمرا شڪايت ڪائونسل ڏانهن موڪلي.
اجلاس دوران جيو نيوز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ پيش ٿيو. هن ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ته اداري طرفان معاملي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، معافي پڻ گهري وئي آهي ۽ اهڙن واقعن جي ورجاءَ کي روڪڻ لاءِ مختلف انتظامي قدم کنيا ويا آهن. جيو نيوز انتظاميا لائسنس جي معطلي ختم ڪرڻ جي به درخواست ڪئي.
پيمرا شڪايت ڪائونسل پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته معاملو مذهبي جذبن سان لاڳاپيل هجڻ سبب انتهائي حساس آهي، تنهن ڪري ان بابت ڪنهن به حتمي فيصلي کان اڳ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ ضروري آهي.
ڪائونسل پنهنجي فيصلي ۾ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 جو به حوالو ڏنو، جنهن تحت هر شهري ۽ ميڊيا کي اظهار جي آزادي حاصل آهي، پر اها آزادي قانون تحت اهڙين مناسب پابندين جي تابع آهي، جيڪي اسلام جي عظمت، قومي سلامتي، عوامي نظم ۽ ٻين آئيني تقاضائن جي تحفظ لاءِ ضروري هجن.
هاڻي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ اچڻ کان پوءِ پيمرا شڪايت ڪائونسل جيو نيوز خلاف حتمي سفارشون تيار ڪندي، جن جي بنياد تي پيمرا اٿارٽي ايندڙ قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي بابت فيصلو ڪندي.