ويٽنام گهٽجندڙ پيدائش جي شرح ۽ تيزي سان وڌندڙ وڏي عمر جي ماڻھن جي آبادي کي نظر ۾ رکندي، ٻن ٻارن واري پراڻي پاليسي ختم ڪرڻ کان هڪ سال پوءِ نئين مراعتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
اربع کان لاڳو ٿيندڙ نئين پاليسي تحت ٻئي ٻار جي پيدائش تي مائرن کي 6 مهينن بدران 7 مهينن جي موڪل ڏني ويندي۔
ان کان علاوه وقت کان اڳ ڄمندڙ ٻارن ۽ نون ڄاول ٻارن جي طبي معائنن لاءِ سرڪاري سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته مقرر شرطون پوريون ڪندڙ مائرن کي هڪ ڀيرو روڪ بونس پڻ ڏنو ويندو۔
هن اسڪيم تحت اهل مائرن کي وڌ ۾ وڌ 228 آمريڪي ڊالرن تائين بونس ملي سگهندو، جيڪو ويٽنام ۾ سراسري ماهوار پگهار جي لڳ ڀڳ ٻه ٽهائي حصي جي برابر آهي۔
اقوام متحدھ جي پاپوليشن فنڊ (UNFPA) جي ويٽنام ۾ سربراهه فام ٿي لان چيو ته هي پاليسي حڪومتي سوچ ۾ هڪ وڏي تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن تحت هاڻي خانداني منصوبابندي تي پابنديون لڳائڻ بدران آبادي جي متوازن واڌ ويجهه تي ڌيان ڏنو پيو وڃي۔
ويٽنام ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سرڪاري ملازمن ۽ خاص طور تي ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرن کي ٽئين ٻار جي پيدائش تي پابندين ۽ تاديبي ڪارروائين کي منهن ڏيڻو پوندو هو، پر گذريل سال حڪومت اهي پابنديون ختم ڪري ڇڏيون هيون۔
سرڪاري انگن اکرن موجب ويٽنام ۾ في عورت پيدائش جي شرح 1.93 ٻارن تائين گهٽجي وئي آهي، جيڪا آبادي کي مستحڪم رکڻ لاءِ گهربل 2.1 ٻارن جي شرح کان گهٽ آهي۔ جڏهن ته ملڪ ۾ سراسري عمر لڳ ڀڳ 75 سالن تائين پهچي چڪي آهي۔
اندازو لڳايو ويو آهي ته هلندڙ صديءَ جي وچ تائين 60 سالن کان وڌيڪ عمر وارا ماڻهو ملڪ جي ڪل آبادي جو چوٿون حصو بڻجي ويندا، جنهن کان پوءِ مجموعي آبادي ۾ گهٽتائي شروع ٿي سگهي ٿي۔
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پيدائش جي شرح ۾ واڌ نه آئي ته مستقبل ۾ افرادي قوت جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ معاشي ترقي جي رفتار به سست ٿي سگهي ٿي۔
جيتوڻيڪ حڪومت نين مراعتن کي هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي، پر ماهرن جو خيال آهي ته رڳو نقد بونس ڪافي نه هوندو۔ سندن موجب رهائش، ٻارن جي سارسنڀال، تعليم ۽ ٻين خرچن بابت مستقل سرڪاري سهڪار فراهم ڪرڻ کانسواءِ ماڻهن کي پيدائش جي شرح وڌائڻ لاءِ آماده ڪرڻ ڏکيو هوندو۔
هڪ تازي سرڪاري سروي موجب 73 سيڪڙو شادي شده ماڻهن چيو آهي ته سندن آمدني ۽ مالي حالتون ٻارن جي تعداد بابت فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون۔