پاڪستاني اداڪارا ۽ ٽي وي شو ميزبان فضا علي کي برطانوي پارليامينٽ پاران اعزاز سان نوازيو ويو آهي۔
فضا علي کي برطانوي پارليامينٽ ۾ “عورتن جي احترام ۽ ذميوار ميڊيا لاءِ عوامي آواز” (Public Voice For Women’s Respect & Responsible Media) ايوارڊ سان نوازيو ويو۔
هن تقريب ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، صحت جي ماهرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي۔
MAX-Able Global CIC پاران منعقد ڪيل هن تقريب ۾ سماج، عورتن جي بااختياري، ذهني صحت بابت آگاهي ۽ فنونِ لطيفه جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي ساراهيو ويو۔
ايوارڊ وصول ڪرڻ وقت اداڪارا فضا علي سان گڏ سندس مڙس اعجاز خان ۽ ڌيءُ پڻ موجود هئي۔
ان حوالي سان فضا علي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي تصويرون ۽ وڊيوز به شيئر ڪيون، جن ۾ کيس ايوارڊ حاصل ڪندي ڏسي سگهجي ٿو۔
فضا علي پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته برطانوي پارليامينٽ پاران منهنجي ڪم کي ساراهيو ويو آهي۔ هي ايوارڊ رڳو منهنجي لاءِ نه، پر پاڪستان جي انهن سڀني عورتن لاءِ آهي جيڪي محنت ڪن ٿيون، زندگيءَ جي ڏکيائين سان مقابلو ڪن ٿيون ۽ پنهنجي خوابن کي حقيقت بڻائي ڪاميابي حاصل ڪن ٿيون۔