ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان سبب هنڊرڊ انڊيڪس هڪ لک 85 هزار پوائنٽن جي حد پار ڪري ويو آهي۔
ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن واپار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جتي 1500 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جو انڊيڪس هڪ لک 85 هزار 665 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو۔
واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊرڊ انڊيڪس 3 هزار 748 پوائنٽن جي نمايان واڌ کانپوءِ هڪ لک 84 هزار 50 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو۔