لائیو مائيڪروسافٽ ۾ 5,500 کان وڌيڪ ملازمن جون نوڪريون خطري ۾، وڏي ڇانٽي جو امڪان

فہرستِ مضامین

آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني مائيڪروسافٽ ايندڙ هفتي ملازمن جي هڪ نئين وڏي انگ کي فارغ ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿي، جنهن تحت سڄي دنيا ۾ 5,500 کان وڌيڪ نوڪريون متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔

بزنس انسائيڊر جي رپورٽ موجب هي ڇانٽيون ڪمپني جي عالمي افرادي قوت جي 2.5 سيڪڙو کان گهٽ حصي تي ٻڌل هونديون۔ هي قدم سيلز، ڪنسلٽنگ ۽ ايڪس باڪس گيمنگ ڊويزن سميت مختلف شعبن کي متاثر ڪري سگهي ٿو۔

رپورٽ مطابق 30 جون 2025ع تائين مائيڪرو سافٽ جا سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 2 لک 28 هزار مستقل ملازم هئا۔ جيڪڏهن ڇانٽين جو انگ 2.5 سيڪڙو کان گهٽ رهيو ته متاثر ٿيندڙ ملازمن جو تعداد تقريباً 5 هزار 700 کان گهٽ هوندو۔

جيتوڻيڪ مائيڪروسافٽ اڃا تائين انهن اطلاعن جي باضابطه تصديق ناهي ڪئي، پر ذريعن موجب ڪمپني پنهنجي ڪاروباري ڍانچي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ تنظيمي جوڙجڪ ۾ تبديليءَ تي غور ڪري رهي آهي۔

رپورٽن مطابق مائيڪروسافٽ مصنوعي ذهانت (AI) ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري جاري رکيو ويٺي آهي۔ ڪمپني AI تي ٻڌل ٻين شين جي واڌ ويجهه سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نوان ڊيٽا سينٽر پڻ قائم ڪري رهي آهي ته جيئن وڌندڙ طلب کي پورو ڪري سگهجي۔

ماهرن جو چوڻ آهي ته انهيءَ سبب مائيڪروسافٽ سميت ڪيترين ئي وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين پنهنجا وسيلا روايتي ڪاروباري شعبن مان منتقل ڪري مصنوعي ذهانت، سافٽ ويئر ڊولپمينٽ ۽ ڪلائوڊ انفراسٽرڪچر تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي۔

ٻئي طرف اطلاعن موجب مائيڪروسافٽ جي گيمنگ ڊويزن ايڪس باڪس ۾ به وڌيڪ تبديليون متوقع آهن۔ تازو ئي ايڪس باڪس ڪنسولز جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ڪئي وئي هئي۔

ان کان اڳ به رپورٽون سامهون آيون هيون ته ڪمپني مارڪيٽنگ بجيٽ ۾ گهٽتائي ۽ اضافي ملازمن جي ڇانٽي تي غور ڪري رهي آهي، جڏهن ته ملازمن جي تعداد گهٽائڻ وارو هي قدم مائيڪروسافٽ لاءِ ڪو پهريون موقعو نه هوندو۔

جولاءِ 2025ع ۾ پڻ ڪمپني پنهنجي عالمي افرادي قوت ۾ لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو، جنهن سبب انجنيئرنگ سميت ڪيترائي شعبا متاثر ٿيا هئا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں