حيدرآباد: حڪومت غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪري ڇڏيو آهي۔
پوليس ترجمان موجب حيدرآباد پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 14 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته حراست هيٺ آيل ماڻهن کي هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي۔
ترجمان ٻڌايو ته سڀني ماڻهن جي دستاويزن ۽ سڃاڻپ جي جاچ جاري آهي، تصديق جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين سڀئي ماڻهو هولڊنگ سينٽر ۾ رهندا۔ قانوني گهرجون پوريون نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۔
پوليس ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪارروايون حڪومتي هدايتن موجب جاري آهن، غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ تصديق جو عمل وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي۔ تصديق مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔